Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 26:28 - Muslim Sindhi Bible

28 اُهي سڀيئي شيون جيڪي غيبدان سموئيل، بادشاهہ سائول ولد قيس، ابنير ولد نير ۽ يوآب جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، وقف ڪيون هيون ۽ ٻين بہ جيڪي ڪجھہ وقف ڪيو هو، سو سڀ سلوميت ۽ سندس مائٽن جي سنڀال هيٺ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ اُهي سڀ شيون جي غيب دان سموئيل ۽ سائول بن قيس، ۽ ابنير بن نير، ۽ يوآب بن ضروياہ، مخصوص ڪيون هيون، ۽ ٻيو جيڪي بہ ڪنهن مخصوص ڪيو هو، سو سڀ سلوميت ۽ سندس ڀائرن جي هٿ هيٺ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 26:28
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنگين ۾ هٿ آيل لٽ جو مال هنن خداوند جي هيڪل جي لاءِ وقف ڪيو هو.


بني اظهار مان ڪنانياہ ۽ انهيءَ جا پٽ هيڪل کان ٻاهرئين ڪم لاءِ مقرر هئا، يعني اهي بني اسرائيل مٿان عملدار ۽ جج هئا.


دائود کيس انهن سڀني جاين جو نقشو پڻ ڏنو جيڪو پاڪ روح هن جي دل ۾ وڌو هو، يعني خداوند جي هيڪل جي اڱڻ، آس‌پاس جي حجرن، هيڪل جي خزانن ۽ وقف ڪيل شين جي گودامن جو نقشو.


جنهن وقت دائود جالوت سان وڙهڻ لاءِ وڃي رهيو هو، تڏهن سائول بادشاهہ کيس ڏسي پنهنجي لشڪر جي سپهہ‌سالار ابنير کان پڇيو تہ ”اي ابنير! هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي؟“ ابنير وراڻيس تہ ”اي بادشاهہ سلامت! مون کي خبر نہ آهي.“


تڏهن سائول پنهنجي نوڪر کي چيو تہ ”چڱي ڳالهہ ڪئي اٿيئي. اچ تہ هلون.“ سو هو انهيءَ شهر ڏانهن ويا جتي اهو خدا جو ٻانهو رهندو هو. جڏهن هو شهر ڏانهن مٿي چڙهي رهيا هئا، تڏهن هنن کي ڪجھہ ڇوڪريون مليون جيڪي پاڻي ڀرڻ لاءِ ٻاهر وڃي رهيون هيون. هنن انهن ڇوڪرين کان پڇيو تہ ”ڇا غيبدان هتي آهي؟“ اڳئين زماني ۾ ائين ٿيندو هو جو بني اسرائيل مان جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا جي مرضي معلوم ڪرڻي هوندي هئي تہ هو غيبدان وٽ ويندو هو. جنهن کي هاڻي نبي ٿو سڏجي تنهن کي اڳي غيبدان سڏيو ويندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ