Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 26:26 - Muslim Sindhi Bible

26 ۽ سندس مائٽ انهن سڀني وقف ڪيل شين جي گودامن جي مٿان نگران هئا، جيڪي شيون دائود بادشاهہ توڙي گھراڻن جي وڏن، لشڪر جي هزارن ۽ سون جي ٽولن جي سالارن ۽ سپهہ‌سالارن وقف ڪيون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ اهو سلوميت ۽ سندس ڀائر انهن سڀني مخصوص ڪيل شين جي خزانن جي مٿان هئا، جي دائود بادشاهہ ۽ اباڻي گهراڻن جي سردارن، هزارن ۽ سوَن جي عملدارن، ۽ لشڪر جي سردارن، مخصوص ڪيون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 26:26
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود بادشاهہ اهي بہ انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خداوند لاءِ وقف ڪيا، جيڪي هن سڀني فتح ڪيل قومن مان هٿ ڪيا هئا،


اهي بہ بادشاهہ دائود انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خداوند لاءِ وقف ڪيا، جيڪي هن سڀني قومن يعني ادومين، موآبين، بني عمون، فلستين ۽ عماليقين مان هٿ ڪيا هئا.


ڏس، مون ڏاڍي ڪوشش سان خداوند جي گھر لاءِ ساڍا ٽي هزار ٽن سون ۽ چوٽيهہ هزار پنج سؤ ٽن چاندي گڏ ڪئي آهي. انهيءَ کان سواءِ بي‌انداز لوهہ ۽ پتل بہ گڏ ڪيو اٿم ۽ ڪاٺ ۽ پٿر بہ تيار ڪيو اٿم، مگر تون انهن کي اڃا بہ وڌاءِ.


سبوايل جو مائٽ سلوميت ولد زڪري ولد يورام ولد يسعياہ ولد رحبياہ ولد اليعزر


جنگين ۾ هٿ آيل لٽ جو مال هنن خداوند جي هيڪل جي لاءِ وقف ڪيو هو.


ڪاهنن ۽ لاوين کي هيڪل ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. سڀيئي ڪاريگر جيڪي هر قسم جي مهارت رکن ٿا سي تنهنجي مدد لاءِ تيار آهن ۽ سڀ ماڻهو ۽ سندن اڳواڻ تنهنجي حڪم هيٺ آهن.“


يروشلم ۾ موٽي آيل لاوي هي هئا: سمعياہ ولد حسوب ولد عزريقام ولد حسبياہ جيڪو بني مراري هو،


سو لاوين ۽ يهوداہ وارن سڀني ائين ئي ڪيو جيئن يهويدع ڪاهن کين حڪم ڏنو هو. سڀني سالارن پنهنجا پنهنجا اهي ماڻهو گڏ ڪيا جيڪي سبت جي ڏينهن ڪم تي چڙهڻا هئا يا اهي جيڪي ڪم تان لهڻا هئا، ڇاڪاڻ تہ يهويدع ڪاهن ڪنهن کي بہ هيڪل کان ٻاهر وڃڻ جي موڪل نہ ڏني هئي.


حزقياہ بادشاهہ ڪاهنن ۽ لاوين جي خدمتن جو نئين سر انتظام ڪيو. انهن کي هيڪل جي هر ڪا خدمت ڪرڻي هئي، جنهن ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪرڻيون هيون ۽ هيڪل جي اڳيان خداوند جي شڪرگذاري ۽ سندس واکاڻ جا گيت ڳائڻا هئا.


۽ بني سلوم، بني اِطير، بني طلمون، بني عقوب، بني خطيطا ۽ بني سوبي جيڪي هيڪل جا دربان هئا، تن جو تعداد هڪ سؤ اوڻيتاليهہ هو.


ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي خدا جا فرض ۽ پاڪ ڪرڻ وارا فرض بجا آڻيندا هئا. هيڪل جي ڳائڻن ۽ دربانن بہ دائود ۽ سندس پٽ سليمان جي حڪم موجب پنهنجا فرض پورا ڪيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ