Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 26:20 - Muslim Sindhi Bible

20 هنن جا ٻيا لاوي ڀائر خدا جي هيڪل جي خزانن ۽ وقف ڪيل شين جي خزانن جا نگران هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ لاوين مان اخياہ خدا جي گهر جي خزانن ۽ مخصوص ڪيل شين جي خزانن جي مٿان هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 26:20
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو خداوند جي گھر جا خزانا ۽ بادشاهہ جي گھر جا خزانا لٽي کڻي ويو. هو سڀ ڪجھہ کڻي ويو، جيڪي سون جون ڍالون سليمان ٺهرايون هيون سي بہ کڻي ويو.


تڏهن هيڪل ۾ ۽ شاهي محل ۾ جيڪو سون ۽ چاندي بچيو هو، سو آسا پنهنجي عملدارن جي هٿ ارام جي بادشاهہ بن‌هدد، جيڪو طابرمون جو پٽ ۽ حزيون جو پوٽو هو تنهن ڏانهن دمشق شهر ۾ ڏياري موڪليو. هي نياپو پڻ موڪليائينس تہ


اهڙيءَ طرح خداوند جي هيڪل لاءِ جنهن ڪم جو سليمان بادشاهہ حڪم ڏنو هو سو پورو ٿيو. پوءِ سليمان اُهي شيون کڻائي آيو جيڪي سندس پيءُ دائود خداوند لاءِ مخصوص ڪيون هيون، يعني چاندي، سون ۽ ٻيو سمورو سامان. اُهي هن خداوند جي هيڪل جي گدامن ۾ آڻي رکايا.


اهي بہ بادشاهہ دائود انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خداوند لاءِ وقف ڪيا، جيڪي هن سڀني قومن يعني ادومين، موآبين، بني عمون، فلستين ۽ عماليقين مان هٿ ڪيا هئا.


بني قورح ۽ بني مراريءَ جي اولاد مان اهي ٽولا دربانيءَ لاءِ مقرر ڪيا ويا.


لبني جيڪو جيرشون جي پٽن مان هڪ هو، سو پنهنجي گھڻن ئي گھراڻن جو وڏو هو، جنهن مان هڪ سندس پٽ يحي‌ايل جو گھراڻو هو.


يحي‌ايلي جا ٻہ پٽ ايتام ۽ يوايل هيڪل جي خزانن جي مٿان نگران هئا.


اليعزر جي ڀاءُ جيرشوم ولد موسيٰ جي اولاد مان سبوايل خزانن جي مٿان اعليٰ عملدار هو.


جيڪو حڪم دائود ڪاهنن ۽ لاوين کي ڪنهن بہ ڳالهہ بابت يا خزانن بابت ڏيندو هو، تنهن جي هو ڀڃڪڙي نہ ڪندا هئا.


انهن پنهنجي وس آهر ڪم لاءِ گڏ ڪيل خزاني ۾ سون جا پنج سؤ ڪلوگرام، چانديءَ جا ٻہ هزار اٺ سؤ ڪلوگرام ۽ هڪ سؤ ڪاهنن وارا لباس ڏنا.


مون کين چيو تہ ”اوهين ۽ هي سڀ ٿانوَ خداوند جي لاءِ مخصوص آهيو، باقي خالص چاندي ۽ سون خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا لاءِ خوشيءَ سان ڏنل نذرانو آهي.


انهيءَ ئي ڏينهن چندن لاءِ، پهريتن ڦرن لاءِ ۽ ڏهان حصا گڏ ڪرڻ لاءِ گودامن جا نگران مقرر ڪيا ويا. شهر جي آس‌پاس وارين ٻنين مان انهن کي اهي حصا آڻي گودامن ۾ رکڻا هئا، جيڪي شريعت موجب ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ مقرر هئا. ڪاهنن ۽ لاوين جي خدمت واري ڪم کان يهوداہ وارا خوش هئا،


اوهين ڪمائيءَ جو پورو ڏهون حصو هيڪل جي گودام ۾ آڻيو، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي گھر ۾ کاڌو پيتو هجي. ائين ڪرڻ سان اوهين ڏسندا تہ آءٌ ڪيئن نہ آسمان جون دريون کولي اوهان تي برڪت وسايان ٿو يا نہ، اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي.


اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ پنهنجن لاوي ڀائرن سان انهن جي ٻين ڪمن ۾ ڀلي هٿ ونڊائيندا رهن، پر هو پنهنجي سر خدمت وارو ڪوبہ ڪم نہ ڪن. اهڙيءَ ئي طرح تو کي لاوين جي ذمي ڪم سونپڻا آهن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ