13 انهن مان ننڍن توڙي وڏن ڪٽنبن ڪڻا وڌا تہ کين ڪهڙي دروازي جي ذميواري سنڀالڻي آهي.
13 ۽ انهن مان، ننڍن توڙي وڏن، پنهنجي اباڻي گهراڻن موجب، هرهڪ دروازي لاءِ ڪڻا وڌا.
جيئن سندن مائٽن بني هارون ڪڻا وڌا هئا، تيئن ئي هنن سڀني بہ ڪُڻا وڌا. ان وقت بہ دائود بادشاهہ، صدوق ۽ اخيملڪ ڪاهن ۽ ڪاهنن ۽ لاوين جي گھراڻن جا وڏا شاهد طور موجود هئا. ڪڻن ۾ وڏ ننڍائيءَ جو ڪو فرق نہ رکيو ويو.
اهي بنا ڪنهن طرفداريءَ جي ڪُڻن رستي ورهايا ويا تہ جيئن ٻنهي گھراڻن مان هيڪل جا اهي عملدار ۽ ڪاهن ترتيبوار مقرر ڪيا وڃن.
انهن کي پڻ ننڍ وڏائيءَ توڙي استادي شاگرديءَ جي فرق کان سواءِ ڪڻا وجھي خدمت لاءِ چونڊيو ويو.
هيڪل جي انهن دربانن کي سندن ڪٽنبن موجب ٽولن ۾ ورهايو ويو ۽ هيڪل ۾ کين ڪم تي مقرر ڪيو ويو، جيئن ٻيا لاوي مقرر هئا.
اوڀر واري دروازي لاءِ سلمياہ جو ڪڻو پيو. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ زڪرياہ، جيڪو عقلمند مشير هو، تنهن لاءِ ڪڻو وڌو ويو ۽ اُهو ڪڻو اتر واري دروازي لاءِ پيو.