Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 25:8 - Muslim Sindhi Bible

8 انهن کي پڻ ننڍ وڏائيءَ توڙي استادي شاگرديءَ جي فرق کان سواءِ ڪڻا وجھي خدمت لاءِ چونڊيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ انهن مان ننڍن توڙي وڏن، استاد توڙي شاگرد، سڀني پنهنجي پنهنجي خدمت لاءِ هڪڙي ئي نموني ڪڻا وڌا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 25:8
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنانياہ جيئن تہ ڳائڻ ۾ ماهر هو، سو هو راڳ ڳائيندڙ لاوين جو نگران مقرر ٿيو ۽ راڳ جو سر ڪڍندو هو.


جيئن سندن مائٽن بني هارون ڪڻا وڌا هئا، تيئن ئي هنن سڀني بہ ڪُڻا وڌا. ان وقت بہ دائود بادشاهہ، صدوق ۽ اخيملڪ ڪاهن ۽ ڪاهنن ۽ لاوين جي گھراڻن جا وڏا شاهد طور موجود هئا. ڪڻن ۾ وڏ ننڍائيءَ جو ڪو فرق نہ رکيو ويو.


اهي بنا ڪنهن طرفداريءَ جي ڪُڻن رستي ورهايا ويا تہ جيئن ٻنهي گھراڻن مان هيڪل جا اهي عملدار ۽ ڪاهن ترتيبوار مقرر ڪيا وڃن.


آسف سان گڏ سندس چار پٽ زڪور، يوسف، نتنياہ ۽ اسري‌لاہ هئا. اهي پنهنجي پيءُ آسف جي نگرانيءَ هيٺ بادشاهہ دائود جي حڪم موجب خدا جو ڏنل پيغام ٻڌائيندا هئا.


اهي ٻہ سؤ اٺاسي ماڻهو پنهنجي گھراڻن مطابق چوويهن ٽولن ۾ ورهايا ويا، هر ٽولي ۾ ٻارهن ٻارهن ڄڻا شامل هئا. انهن جي ذميواريءَ جي ترتيب موجب سندن اڳواڻ هي هئا: پهرئين ٽولي جو اڳواڻ آسف جي گھراڻي مان يوسف هو، ٻئي ٽولي جو اڳواڻ جِدلياہ هو،


انهن مان ننڍن توڙي وڏن ڪٽنبن ڪڻا وڌا تہ کين ڪهڙي دروازي جي ذميواري سنڀالڻي آهي.


سفيم ۽ حوساہ جا ڪڻا اولهہ واري دروازي ۽ سلڪت دروازي لاءِ پيو جيڪي چاڙهيءَ واري رستي تي هئا. دربانن کي هڪٻئي پٺيان مسلسل فرض جي ادائگيءَ تي مقرر ڪيو ويو هو.


هن نهاري ڏٺو تہ نئون بادشاهہ هيڪل جي دروازي وٽ بادشاهن واري ٿنڀي جي ڀرسان بيٺو آهي ۽ لشڪر جا سالار ۽ توتارا وڄائڻ وارا بادشاهہ جي ڀرسان بيٺا آهن. هن ڏٺو تہ سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نعرا هڻي رهيا هئا ۽ شرنايون پئي وڄايائون ۽ ڳائڻ وارا بہ ساز وڄائي واکاڻ جا گيت ڳائڻ ۾ ماڻهن جي رهنمائي ڪري رهيا هئا. تڏهن عتلياہ راڻي جوش وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي رڙيون ڪري چوڻ لڳي تہ ”غداري! غداري! غداري!“


لاوين جا اڳواڻ حسبياہ، سيربياہ، يشوع، بنوي ۽ قدمي‌ايل هئا، جن جي اڳواڻيءَ هيٺ لاوي ٻن ٻن جي ٽولن ۾ خدا جي بندي دائود بادشاهہ جي ترڪيب موجب واکاڻ ۽ شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ هڪٻئي جي سامهون ٿي بيهندا هئا.


انسان پنهنجا فيصلا پاڻ ٿو رٿي، مگر ٿئي اهو ئي ٿو جيڪي خداوند ٿو چاهي.


هارون انهن ٻنهي ٻڪرن لاءِ پُکا وجھي، هڪڙو پُکو ’خداوند جي لاءِ‘ ۽ ٻيو ’ڇڏي ڏيڻ جي لاءِ.‘


پوءِ انهن ٻنهي جي لاءِ پُکو وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ کيس يارهن رسولن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ