Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 25:6 - Muslim Sindhi Bible

6 اهي سڀ پنهنجي پيءُ جي نگرانيءَ هيٺ خداوند جي هيڪل ۾ عبادت لاءِ ٽليون، دنبورا ۽ سارنگيون وڄائيندا هئا. آسف، يدوتون ۽ هيمان پاڻ بادشاهہ جي نگرانيءَ هيٺ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 اهي سڀ پنهنجي پيءُ جي هٿ هيٺ خداوند جي گهر ۾ عبادت لاءِ جهانجهن ۽ تنبورن ۽ بربطن سان راڳ ڳائيندا هئا؛ يعني آسف، يدوتون ۽ هيمان بادشاهہ جي حڪم هيٺ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 25:6
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود ۽ بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو دڦ، کنجريون، ٽليون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندا، جوش وَ خروش سان خداوند جي حضور ۾ نچندا ۽ ڳائيندا پئي هليا.


دائود لاوين جي اڳواڻن کي چيو تہ هو پنهنجن لاوي ڀائرن مان ڪي ڳائڻا مقرر ڪن، تہ جيئن اهي دنبورن، سارنگين ۽ ٽلين جا ساز وڄائي وڏي آواز سان خوشيءَ جا گيت ڳائين.


انهن سڀني مان هيمان، آسف ۽ ايتان ٽليون وڄائي ڳائڻ تي مقرر ٿيا،


ڪنانياہ جيئن تہ ڳائڻ ۾ ماهر هو، سو هو راڳ ڳائيندڙ لاوين جو نگران مقرر ٿيو ۽ راڳ جو سر ڪڍندو هو.


بادشاهہ چئن هزارن کي دربان مقرر ڪيو ۽ چئن هزارن کي مقرر ڪيائين تہ اهي خداوند جي واکاڻ انهن سازن سان ڪن جيڪي کين پاڻ موجود ڪري ڏنا هئائين.


اهڙيءَ طرح اهي دنبورا، سارنگيون ۽ شرنايون وڄائيندا يروشلم ۾ هيڪل وٽ اچي گڏ ٿيا.


هن نهاري ڏٺو تہ نئون بادشاهہ هيڪل جي دروازي وٽ بادشاهن واري ٿنڀي جي ڀرسان بيٺو آهي ۽ لشڪر جا سالار ۽ توتارا وڄائڻ وارا بادشاهہ جي ڀرسان بيٺا آهن. هن ڏٺو تہ سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نعرا هڻي رهيا هئا ۽ شرنايون پئي وڄايائون ۽ ڳائڻ وارا بہ ساز وڄائي واکاڻ جا گيت ڳائڻ ۾ ماڻهن جي رهنمائي ڪري رهيا هئا. تڏهن عتلياہ راڻي جوش وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي رڙيون ڪري چوڻ لڳي تہ ”غداري! غداري! غداري!“


اليصفن جي اولاد مان، سمري ۽ يعوايل، آسف جي اولاد مان، زڪرياہ ۽ متنياہ،


جيئن خداوند غيبدان جاد ۽ ناتن نبيءَ جي معرفت دائود بادشاهہ کي حڪم ڏنو، تيئن ئي حزقياہ خداوند جي گھر ۾ لاوين کي ٽلين، دنبورن ۽ سارنگين سان مقرر ڪيو.


متنياہ ولد ميڪا ولد زبدي جيڪو آسف جي اولاد مان هو ۽ متنياہ جيڪو شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ ڳائڻن جي اڳواڻي ڪندو هو، بقبوقياہ جيڪو پنهنجي ساٿين مان متنياہ کان پوءِ ٻئي نمبر تي هو ۽ عبدا ولد سموع ولد جلال جيڪو يدوتون جي اولاد مان هو.


لاوين جا اڳواڻ حسبياہ، سيربياہ، يشوع، بنوي ۽ قدمي‌ايل هئا، جن جي اڳواڻيءَ هيٺ لاوي ٻن ٻن جي ٽولن ۾ خدا جي بندي دائود بادشاهہ جي ترڪيب موجب واکاڻ ۽ شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ هڪٻئي جي سامهون ٿي بيهندا هئا.


انهيءَ ڪري جو گھڻو وقت اڳي دائود بادشاهہ ۽ ڳائڻن جي اڳواڻ آسف جي ڏينهن ۾ خدا جي واکاڻ ۽ شڪرگذاريءَ جي عبادت لاءِ ڳائڻ وارن لاءِ هدايتڪار هوندا هئا.


اڳيان اڳيان ڳائڻ وارا ۽ پٺيان پٺيان وڄائڻ وارا آهن، وچ ۾ ڪنواريون ڇوڪريون آهن جيڪي دڦ ٿيون وڄائين.


مسيح بابت پيغام کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي تعليم ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳائيندا رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ