Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 25:5 - Muslim Sindhi Bible

5 سندن پيءُ هيمان بادشاهہ جو غيبدان هو. خدا پنهنجي واعدي موجب کيس وڌائڻ لاءِ چوڏهن پٽ ۽ ٽي ڌيئرون ڏنيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 بادشاهہ جي غيب دان هيمان، جو خداوند جي ڪلام لاءِ هو، تنهن جا اهي سڀ پٽ هئا، جي ناد وڄائيندا هئا. ۽ خداوند هيمان کي چوڏهن پٽ ۽ ٽي ڌيئرون ڏنيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 25:5
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن عيسوءَ اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ عورتن ۽ ٻارن کي ڏٺائين، تڏهن يعقوب کان پڇيائين تہ ”هي تو سان ڪير آهن؟“ يعقوب وراڻيو تہ ”هي اهي ٻار آهن جيڪي خدا پنهنجي فضل سان تنهنجي خادم کي ڏنا آهن.“


سو جڏهن دائود صبح جو اٿيو، ان وقت سندس غيبدان جاد نبيءَ کي خداوند فرمايو تہ


تڏهن خداوند دائود جي جاد نالي غيبدان کي فرمايو تہ


هيمان سان گڏ سندس چوڏهن پٽ بقياہ، متنياہ، عزي‌ايل، سبوايل، يريموت، حنانياہ، حناني، الياتہ، جدالتي، روممتي‌عزر، يسبقاشہ، ملوتي، هوتير ۽ محازيوت هئا.


جيئن تہ هن مون کي گھڻا ئي پٽ ڏنا آهن، سو منهنجي سڀني پٽن مان هن منهنجي پٽ سليمان کي پسند ڪيو تہ هو بني اسرائيل مٿان خداوند جي سلطنت جي تخت تي ويهي.


ڳائڻا جيڪي آسف جو اولاد هئا سي انهن هنڌن تي بيهي رهيا جيڪي هنڌ بادشاهہ دائود جي هدايت سان آسف، هيمان ۽ بادشاهہ جي غيبدان يدوتون مقرر ڪيا هئا. دربانن کي پنهنجو پنهنجو در ڇڏڻ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ هنن جي هم‌قوم لاوين انهن لاءِ عيد فصح جي قربانين جي تياري پئي ڪئي.


ٻار خداوند جو عطيو آهن، هائو، اهي والدين لاءِ خداوند جي طرفان هڪ نعمت آهن.


ڏسو، آءٌ ۽ منهنجا اهي ٻار جيڪي خداوند مون کي عطا ڪيا آهن، سي بني اسرائيل لاءِ قادرِمطلق خداوند جي طرفان جيئريون جاڳنديون نشانيون ۽ پيغام آهيون، هائو، انهيءَ خداوند جا جنهن جو تخت صيئون جبل تي آهي.


تڏهن سائول پنهنجي نوڪر کي چيو تہ ”چڱي ڳالهہ ڪئي اٿيئي. اچ تہ هلون.“ سو هو انهيءَ شهر ڏانهن ويا جتي اهو خدا جو ٻانهو رهندو هو. جڏهن هو شهر ڏانهن مٿي چڙهي رهيا هئا، تڏهن هنن کي ڪجھہ ڇوڪريون مليون جيڪي پاڻي ڀرڻ لاءِ ٻاهر وڃي رهيون هيون. هنن انهن ڇوڪرين کان پڇيو تہ ”ڇا غيبدان هتي آهي؟“ اڳئين زماني ۾ ائين ٿيندو هو جو بني اسرائيل مان جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا جي مرضي معلوم ڪرڻي هوندي هئي تہ هو غيبدان وٽ ويندو هو. جنهن کي هاڻي نبي ٿو سڏجي تنهن کي اڳي غيبدان سڏيو ويندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ