Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 25:1 - Muslim Sindhi Bible

1 دائود ۽ لاوي اڳواڻن گڏجي آسف، هيمان ۽ يدوتون کي سندن پٽن سميت سندن گھراڻن مان خدمت لاءِ چونڊي ڌار ڪيو تہ هو هيڪل ۾ سارنگيون، دنبورا ۽ ٽليون وڄائڻ سان خدا جو ڏنل پيغام ٻڌائين. انهن خدمت ڪرڻ وارن جي فهرست ۽ سندن خدمت هي آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 انهيءَ کانسواءِ دائود ۽ لشڪرن جي سردارن آسف ۽ هيمان ۽ يدوتون جي پٽن مان ڪن کي خدمت لاءِ ڌار ڪيو، تہ هو بربطن ۽ تنبورن ۽ جهانجهن سان نبوت ڪن: ۽ انهن جو شمار جن انهيءَ ڪم ۾ خدمت ٿي ڪئي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 25:1
46 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هاڻ مون وٽ هڪڙو سُرندائي وٺي اچ.“ جڏهن سُرندائيءَ پنهنجو سرندو وڄايو پئي تڏهن خداوند جو هٿ اليشع تي آيو.


صدوق نالي هڪ دلير جوان مرد پنهنجي گھراڻي جي ٻاويهن سالارن سميت،


جڏهن تہ دائود ۽ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو پنهنجي پوري جوش سان خدا جي حضور ۾ خوشيءَ وچان نچندا، گيت ڳائيندا ۽ دڦ، ٽليون شرنايون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندا ٿي هليا.


سو بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نعرا هڻندي ۽ نفيلون، شرنايون، ٽليون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندي خداوند جي عهد واري صندوق يروشلم ۾ کڻي آيا.


دائود بادشاهہ بني اسرائيل جا سڀ اڳواڻ، ڪاهن ۽ لاوي پاڻ وٽ گھرايا.


آسف سان گڏ سندس چار پٽ زڪور، يوسف، نتنياہ ۽ اسري‌لاہ هئا. اهي پنهنجي پيءُ آسف جي نگرانيءَ هيٺ بادشاهہ دائود جي حڪم موجب خدا جو ڏنل پيغام ٻڌائيندا هئا.


يدوتون سان گڏ سندس ڇهہ پٽ جِدلياہ، ضري، يسعياہ، سمعي، حسبياہ ۽ متتياہ هئا، جيڪي پنهنجي پيءُ يدوتون جي نگرانيءَ هيٺ سارنگيون وڄائيندي خداوند جي شڪر ۽ تعريف سان سندس ڏنل پيغام ٻڌائيندا هئا.


اهي ٻہ سؤ اٺاسي ماڻهو پنهنجي گھراڻن مطابق چوويهن ٽولن ۾ ورهايا ويا، هر ٽولي ۾ ٻارهن ٻارهن ڄڻا شامل هئا. انهن جي ذميواريءَ جي ترتيب موجب سندن اڳواڻ هي هئا: پهرئين ٽولي جو اڳواڻ آسف جي گھراڻي مان يوسف هو، ٻئي ٽولي جو اڳواڻ جِدلياہ هو،


لاويءَ جا پٽ هي هئا: جيرشون، قهات ۽ مراري.


انهن نگرانن جو شجرو هن طرح آهي. قهات جي خاندان مان هيمان ولد يوايل سازندن جو وڏو نگران هو. سندس شجرو هي آهي: هيمان ولد يوئيل ولد سموئيل


هيمان جو ساٿي آسف ٻئي نمبر تي نگران هو. سندس شجرو هن طرح آهي: آسف ولد برڪياہ ولد سمعي


مراري گھراڻي جو ايتان جيڪو هيمان کان پوءِ ٽئين نمبر تي نگران هو، تنهن جو شجرو هي آهي: ايتان ولد قيسي ولد عبدي ولد ملوڪ


لاوين مان ڪي ڪٽنب خداوند جي گھر ۾ ڳائڻ تي مقرر هئا. هنن ڪٽنبن جا وڏا خداوند جي گھر جي حجرن ۾ رهندا هئا. اهي ٻين ڪمن ڪارن کان آجا هوندا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو رات ڏينهن پنهنجي ڪم ۾ رڌل هوندا هئا.


پوءِ ستين سال ڪاهن يهويدع همت ڪندي ڪجھہ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن لاءِ هن لشڪر مان سؤ سؤ جي دستي وارن پنجن سالارن کي پاڻ سان ملايو جيڪي عزرياہ ولد يهورام، اسماعيل ولد يهوحنان، عزرياہ ولد عوبيد، معسياہ ولد عداياہ ۽ اليسافط ولد زڪري هئا. هن کانئن وفاداريءَ لاءِ عهد ورتو.


هن نهاري ڏٺو تہ نئون بادشاهہ هيڪل جي دروازي وٽ بادشاهن واري ٿنڀي جي ڀرسان بيٺو آهي ۽ لشڪر جا سالار ۽ توتارا وڄائڻ وارا بادشاهہ جي ڀرسان بيٺا آهن. هن ڏٺو تہ سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نعرا هڻي رهيا هئا ۽ شرنايون پئي وڄايائون ۽ ڳائڻ وارا بہ ساز وڄائي واکاڻ جا گيت ڳائڻ ۾ ماڻهن جي رهنمائي ڪري رهيا هئا. تڏهن عتلياہ راڻي جوش وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي رڙيون ڪري چوڻ لڳي تہ ”غداري! غداري! غداري!“


پوءِ يهويدع هيڪل جي ڪم تي انهن ڪاهنن ۽ لاوين کي ئي مقرر ڪيو، جن جي ڪٽنبن کي دائود خداوند جي گھر ۾ ڪم ورهائي ڏنا هئا، تان‌تہ اهي موسيٰ جي شريعت مطابق خداوند لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، ۽ دائود جي حڪم مطابق خوشيون ڪندي عبادت ۾ رهنمائي ڪن ۽ ڳائن وڄائن.


دائود بادشاهہ وارا نيزا ۽ ڍالون جيڪي هيڪل ۾ رکيل هيون سي يهويدع ڪاهن انهن سالارن کي کڻڻ لاءِ چيو.


اليصفن جي اولاد مان، سمري ۽ يعوايل، آسف جي اولاد مان، زڪرياہ ۽ متنياہ،


هيمان جي اولاد مان، يحيئيل ۽ سمعي، يدوتون جي اولاد مان، سمعياہ ۽ عُزي‌ايل.


حزقياہ بادشاهہ ڪاهنن ۽ لاوين جي خدمتن جو نئين سر انتظام ڪيو. انهن کي هيڪل جي هر ڪا خدمت ڪرڻي هئي، جنهن ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪرڻيون هيون ۽ هيڪل جي اڳيان خداوند جي شڪرگذاري ۽ سندس واکاڻ جا گيت ڳائڻا هئا.


مزدورن ايمانداريءَ سان ڪم ٿي ڪيو. انهن کي هدايتون ڏيڻ ۽ سندن نگراني ڪرڻ لاءِ مٿن هي چار لاوي مقرر هئا: يحت ۽ عبدياہ جيڪي مراريءَ جي خاندان مان هئا، زڪرياہ ۽ مسلام، جيڪي قهات جي خاندان مان هئا. ٻيا لاوي جيڪي سازن وڄائڻ ۾ ماهر هئا،


ڳائڻا جيڪي آسف جو اولاد هئا سي انهن هنڌن تي بيهي رهيا جيڪي هنڌ بادشاهہ دائود جي هدايت سان آسف، هيمان ۽ بادشاهہ جي غيبدان يدوتون مقرر ڪيا هئا. دربانن کي پنهنجو پنهنجو در ڇڏڻ جي ضرورت ڪانہ هئي، ڇاڪاڻ تہ هنن جي هم‌قوم لاوين انهن لاءِ عيد فصح جي قربانين جي تياري پئي ڪئي.


پنهنجي پيءُ دائود جي قاعدي جي پيروي ڪندي هن ڪاهنن جون ٽوليون واري واري سان هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيون. لاوين کي مقرر ڪيائين تہ هو روزمرہ جي دستور موجب حمد ۾ اڳواڻي ڪن ۽ ڪاهنن جي خدمت چاڪري ڪن. هن دربانن کي بہ ٽولن جي صورت ۾ سڀني درن تي مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي ٻانهي دائود بادشاهہ ائين ئي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.


آسف جو اولاد جيڪي هيڪل جا ڳائڻا هئا، تن جا هڪ سؤ اٺاويهہ ماڻهو هئا


موسيٰ جي ڪتاب ۾ لکيل هدايتن مطابق هنن ڪاهنن کي، پنهنجي پنهنجي حصي موجب ۽ لاوين کي پنهنجي پنهنجي ٽولي موجب، يروشلم ۾ خدا جي هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو.


متنياہ ولد ميڪا ولد زبدي جيڪو آسف جي اولاد مان هو ۽ متنياہ جيڪو شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ ڳائڻن جي اڳواڻي ڪندو هو، بقبوقياہ جيڪو پنهنجي ساٿين مان متنياہ کان پوءِ ٻئي نمبر تي هو ۽ عبدا ولد سموع ولد جلال جيڪو يدوتون جي اولاد مان هو.


لاوين جا اڳواڻ حسبياہ، سيربياہ، يشوع، بنوي ۽ قدمي‌ايل هئا، جن جي اڳواڻيءَ هيٺ لاوي ٻن ٻن جي ٽولن ۾ خدا جي بندي دائود بادشاهہ جي ترڪيب موجب واکاڻ ۽ شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ هڪٻئي جي سامهون ٿي بيهندا هئا.


يروشلم شهر جي ڀتين جي وقف ڪرڻ وقت لاوين کي سندن رهڻ وارن هنڌن تان ڳولي يروشلم ۾ آندو ويو، تہ جيئن هو يروشلم ۾ حاضر ٿي وقف ڪرڻ واري انهيءَ رسم کي خوشيءَ ۽ شڪرگذاريءَ سان ٽلين ۽ تارن وارا ساز وڄائيندي بجا آڻين.


اوهين گيت ڳائڻ شروع ڪريو، ۽ خوشيءَ مان دڦ وڄايو، ۽ مٺڙي آواز وارا دنبورا ۽ سارنگيون وڄايو.


اوهين نئين چنڊ نڪرڻ تي ۽ چوڏهينءَ جي چنڊ تي، يعني پنهنجن وڏن ڏينهن جي شروعات تي نفيلون وڄايو.


پوءِ وري اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي اندرين اڱڻ ۾ وٺي آيو. اتي مون ٻہ ڪمرا ڏٺا جن جا دروازا اندرين اڱڻ ڏانهن ٿي کُليا. هڪڙو ڪمرو اتر واري لنگھہ جي ڀرسان هو جنهن جو رخ ڏکڻ ڏانهن هو ۽ ٻيو ڏکڻ واري لنگھہ جي ڀرسان هو، جنهن جو رخ اتر ڏانهن هو.


انهيءَ کان پوءِ تون خدا واري جِبعت شهر ڏانهن چڙهي وڃجانءِ، جتي فلستي سپاهين جو پهرو آهي. جڏهن تون اتي شهر ۾ داخل ٿيندين تڏهن تو کي نبين جي هڪڙي ٽولي گڏبي، جيڪا سُرندو، دڦ، بانسري ۽ دنبورو وڄائيندي انهيءَ ٽڪر واري عبادت‌گاهہ کان هيٺ لهندي ايندي هوندي ۽ اهي خدا جي ڳالهين ۾ مست ٿي ايندا هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ