Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 24:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اهي بنا ڪنهن طرفداريءَ جي ڪُڻن رستي ورهايا ويا تہ جيئن ٻنهي گھراڻن مان هيڪل جا اهي عملدار ۽ ڪاهن ترتيبوار مقرر ڪيا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 انهيءَ طرح هو ڪڻا وجهي هڪ ٻئي جي آڏو ورهايا ويا؛ ڇالاءِ جو اليعزر ۽ اتمر جي پٽن مان ڪي سردار پاڪ جاءِ جا هئا، ۽ ڪي خدا جا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 24:5
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن سندن مائٽن بني هارون ڪڻا وڌا هئا، تيئن ئي هنن سڀني بہ ڪُڻا وڌا. ان وقت بہ دائود بادشاهہ، صدوق ۽ اخيملڪ ڪاهن ۽ ڪاهنن ۽ لاوين جي گھراڻن جا وڏا شاهد طور موجود هئا. ڪڻن ۾ وڏ ننڍائيءَ جو ڪو فرق نہ رکيو ويو.


اليعزر جي اولاد مان اتمر جي اولاد کان وڌيڪ اڳواڻ هٿ آيا، سو انهن ٽولن کي هن طرح ورهايو ويو: اليعزر جي ڪٽنبن مان سورهن ٽولن جا اڳواڻ ۽ اتمر جي ڪٽنبن مان اٺن ٽولن جا اڳواڻ.


انهن کي پڻ ننڍ وڏائيءَ توڙي استادي شاگرديءَ جي فرق کان سواءِ ڪڻا وجھي خدمت لاءِ چونڊيو ويو.


انهن مان ننڍن توڙي وڏن ڪٽنبن ڪڻا وڌا تہ کين ڪهڙي دروازي جي ذميواري سنڀالڻي آهي.


سندس عملدارن پڻ پنهنجي خوشيءَ سان ماڻهن، ڪاهنن ۽ لاوين کي بہ ڪي ڪجھہ ڏنو. زڪرياہ، يحيئيل ۽ سردار ڪاهن خلقياہ جيڪي خدا جي گھر جا منتظم هئا، تن پڻ ڪاهنن کي عيد فصح جي قربانين لاءِ ٻہ هزار ڇهہ سؤ گھيٽا ۽ ڇيلا ڏنا ۽ ٻين قربانين لاءِ ٽي سؤ ڏاند بہ ڏنائون.


۽ شراياہ ولد خلقياہ ولد مسلام ولد صدوق ولد مرايوت ولد اخيطوب جيڪو هيڪل ۾ سردار ڪاهن هو.


انسان پنهنجا فيصلا پاڻ ٿو رٿي، مگر ٿئي اهو ئي ٿو جيڪي خداوند ٿو چاهي.


تنهنڪري مون مخصوص ٿيل ڪاهنن کي ناپاڪ قرار ڏنو. مون بني يعقوب تي لعنت آندي، هائو، مون بني اسرائيل کي ملامت جوڳو بڻايو.“


انهيءَ کان پوءِ ملاحن هڪٻئي کي چيو تہ ”اچو تہ اسين ڪُڻا وجھي ڏسون تہ ڪنهن جي ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي.“ تڏهن هنن ڪڻا وڌا ۽ ڪُڻي ۾ يونس جو نالو نڪتو.


هوڏانهن سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس ڪائفا نالي وڏي سردار ڪاهن جي گھر ۾ اچي گڏ ٿيا.


صبح جو سوير ئي سڀيئي سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ عيسيٰ کي مارائڻ جو منصوبو جوڙي ورتائون.


پوءِ انهن ٻنهي جي لاءِ پُکو وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ کيس يارهن رسولن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو.


پطرس ۽ يوحنا اڃا ماڻهن سان بيٺي ڳالهايو ئي پئي تہ هيڪل جي صوبيدار ۽ ڪاهنن سميت ڪي صدوقي انهن تي چڙهي آيا.


انهن ۾ وڏو سردار ڪاهن حَنا ۽ هن سان گڏ ڪائفا، يوحنا، سڪندر ۽ ٻيا جيڪي سردار ڪاهن جا مٽ مائٽ هئا، سي شامل هئا.


جڏهن هيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاهنن اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن وائڙا ٿي ويا.


تڏهن يشوع هنن لاءِ سيلا ۾ خداوند جي آڏو ڪُڻان وڌا ۽ اتي هن بني اسرائيل جي باقي بچيل قبيلن کي اهو ملڪ ورهائي ڏنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ