Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 24:3 - Muslim Sindhi Bible

3 دائود بادشاهہ اليعزر جي اولاد مان صدوق ڪاهن ۽ اتمر جي اولاد مان اخيملڪ ڪاهن جي مدد سان ڪاهنن جي ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ بني هارون کي ٽولن ۾ ورهايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ دائود اليعزر جي پٽن مان صدوق کي، ۽ اتمر جي پٽن مان اخي ملڪ کي، انهن جي خدمت مطابق ورهايو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 24:3
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سوا شاهي محرر هو ۽ صدوق ۽ ابي‌ياتر ڪاهن هئا.


صدوق ولد اخيطوب ۽ اخيملڪ ولد ابي‌ياتر ڪاهن هئا ۽ شراياہ شاهي محرر هو.


سليمان بادشاهہ يهويدع جي پٽ بناياہ کي يوآب جي جاءِ تي لشڪر جو سپهہ‌سالار مقرر ڪيو ۽ ابي‌ياتر جي جاءِ تي صدوق ڪاهن کي رکيائين.


پوءِ دائود، صدوق ۽ ابي‌ياتر ڪاهنن کي ۽ لاوين مان اوري‌ايل، عساياہ، يوايل، سمعياہ، الي‌ايل ۽ عمينداب کي سڏايو.


خداوند جي مقدس خيمي اڳيان، جيڪو جِبعون وٽ مٿاهينءَ جاءِ تي هو، اتي دائود صدوق ڪاهن ۽ سندس ٻين ساٿي ڪاهنن کي مقرر ڪيو.


صدوق ولد اخيطوب ۽ ابيملڪ ولد ابي‌ياتر ڪاهن هئا، شراياہ شاهي محرر هو،


جيئن سندن مائٽن بني هارون ڪڻا وڌا هئا، تيئن ئي هنن سڀني بہ ڪُڻا وڌا. ان وقت بہ دائود بادشاهہ، صدوق ۽ اخيملڪ ڪاهن ۽ ڪاهنن ۽ لاوين جي گھراڻن جا وڏا شاهد طور موجود هئا. ڪڻن ۾ وڏ ننڍائيءَ جو ڪو فرق نہ رکيو ويو.


اليعزر جي اولاد مان اتمر جي اولاد کان وڌيڪ اڳواڻ هٿ آيا، سو انهن ٽولن کي هن طرح ورهايو ويو: اليعزر جي ڪٽنبن مان سورهن ٽولن جا اڳواڻ ۽ اتمر جي ڪٽنبن مان اٺن ٽولن جا اڳواڻ.


لاوي قبيلي جي نتني‌ايل جو پٽ سمعياہ، جيڪو شاهي محرر هو تنهن بادشاهہ ۽ سندس علمدارن جي روبرو انهن جا نالا لکيا. تنهن وقت صدوق ڪاهن، اخيملڪ ولد ابي‌ياتر، ڪاهنن ۽ لاوين جي گھراڻن جا وڏا پڻ شاهد طور موجود هئا. اليعزر ۽ اتمر جي گھراڻن جو واري وٽيءَ سان ڪڻو کنيو ويو


پنهنجي پيءُ دائود جي قاعدي جي پيروي ڪندي هن ڪاهنن جون ٽوليون واري واري سان هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيون. لاوين کي مقرر ڪيائين تہ هو روزمرہ جي دستور موجب حمد ۾ اڳواڻي ڪن ۽ ڪاهنن جي خدمت چاڪري ڪن. هن دربانن کي بہ ٽولن جي صورت ۾ سڀني درن تي مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي ٻانهي دائود بادشاهہ ائين ئي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.


پوءِ دائود نوب شهر ۾ اخيملڪ ڪاهن وٽ آيو. اخيملڪ ڏڪندي دائود سان ملڻ لاءِ نڪري آيو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”تون ڇو اڪيلو آيو آهين؟ ڇو تو سان ٻيو ڪوبہ ڪونهي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ