24 سمير جيڪو ميڪاہ جي اولاد مان هو ۽ ميڪاہ عزيايل جي اولاد مان هو،
24 ميڪاہ، جو اعزي ايل جي پٽن مان هو؛ سمير، جو ميڪاہ جي پٽن مان هو.
عزيايل ولد قهات جا ٻہ پٽ هئا: پهريون ميڪاہ ۽ ٻيو يسياہ.
حبرون جي پٽن مان ترتيبوار پهريون يرياہ، ٻيو امرياہ، ٽيون يحزيايل ۽ چوٿون يقمعام هو،
زڪرياہ جيڪو يسياہ جي اولاد مان ۽ يسياہ ميڪاہ جو ڀاءُ هو،
ڪاهنن ۽ لاوين کي هيڪل ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. سڀيئي ڪاريگر جيڪي هر قسم جي مهارت رکن ٿا سي تنهنجي مدد لاءِ تيار آهن ۽ سڀ ماڻهو ۽ سندن اڳواڻ تنهنجي حڪم هيٺ آهن.“
سو لاوين ۽ يهوداہ وارن سڀني ائين ئي ڪيو جيئن يهويدع ڪاهن کين حڪم ڏنو هو. سڀني سالارن پنهنجا پنهنجا اهي ماڻهو گڏ ڪيا جيڪي سبت جي ڏينهن ڪم تي چڙهڻا هئا يا اهي جيڪي ڪم تان لهڻا هئا، ڇاڪاڻ تہ يهويدع ڪاهن ڪنهن کي بہ هيڪل کان ٻاهر وڃڻ جي موڪل نہ ڏني هئي.
حزقياہ بادشاهہ ڪاهنن ۽ لاوين جي خدمتن جو نئين سر انتظام ڪيو. انهن کي هيڪل جي هر ڪا خدمت ڪرڻي هئي، جنهن ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪرڻيون هيون ۽ هيڪل جي اڳيان خداوند جي شڪرگذاري ۽ سندس واکاڻ جا گيت ڳائڻا هئا.
موسيٰ جي ڪتاب ۾ لکيل هدايتن مطابق هنن ڪاهنن کي، پنهنجي پنهنجي حصي موجب ۽ لاوين کي پنهنجي پنهنجي ٽولي موجب، يروشلم ۾ خدا جي هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو.