Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 24:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ندب ۽ ابيهو پنهنجي پيءُ جي جيئري ئي مري ويا ۽ کين ڪوبہ اولاد ڪونہ هو، تنهنڪري اليعزر ۽ اتمر ڪاهن بڻيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 پر ندب ۽ ابيهو پنهنجي پيءُ کان اڳي مري ويا ۽ ڪوبہ اولاد ڪونہ هون. تنهنڪري اليعزر ۽ اتمر ڪهانت جو ڪم ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 24:2
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون هارون، ندب، ابيهو ۽ بني اسرائيل جي ستر اڳواڻن کي وٺي مون وٽ مٿي چڙهي اچ. اوهين ڪجھہ مفاصلي تي بيهي سجدو ڪريو.


پوءِ موسيٰ، هارون، ندب، ابيهو ۽ بني اسرائيل جا ستر اڳواڻ مٿي چڙهي ويا.


تون هارون ۽ سندس پٽن کي چيلهہ سان پٽا ٻڌج ۽ ٽوپيون پارائج. اهڙيءَ طرح تون هارون ۽ سندس پٽن کي مخصوص ڪري ڇڏج، تہ جيئن کين ڪهانت جو هميشہ جي لاءِ حق حاصل ٿئي.


هارون اليشبع سان شادي ڪئي، جيڪا نحسون جي ڀيڻ ۽ عمينداب جي ڌيءَ هئي. انهيءَ مان کيس چار پٽ ڄاوا: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.


پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس باقي بچيل ٻن پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو تہ ”خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ مان جيڪا اناج جي قرباني بچي آهي، سا کڻي بنا خمير جي پچائي قربان‌گاهہ جي ڀرسان وڃي کائو، ڇاڪاڻ تہ اها خدا لاءِ ئي مخصوص ٿيل آهي.


تڏهن اوچتو ئي خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ اهي ٻئي اتي خداوند جي سامهون سڙي مري ويا.


پر رڳو تون ۽ تنهنجا پٽ ئي ڪهانت واريون ذميواريون پوريون ڪجو، جيڪي قربان‌گاهہ لاءِ ۽ پردي پٺيان مقدس ترين جاءِ ۾ ادا ڪرڻيون آهن. آءٌ ڪهانت جي خدمت جو شرف اوهان کي بخشيان ٿو. جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو مخصوص شين جي ويجھو ايندو تہ اُهو ماريو ويندو.“


ندب ۽ ابيهو انهيءَ ڏينهن مري ويا جنهن ڏينهن خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ سان نذرانو پيش ڪيو هئائون.


کيس چار پٽ هئا، جن جا نالا هي آهن: ندب، جيڪو پهريتو هو، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.


جڏهن ندب ۽ ابيهو سينا جي بيابان ۾ خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ پيش ڪئي، تڏهن اهي اتي ئي سندس حضور ۾ مري ويا. کين اولاد ڪونہ هو. سو اليعزر ۽ اتمر پنهنجي پيءُ هارون جي حياتيءَ دوران ڪهانت جي عهدي تي رهي مقدس خيمي ۾ خدمت ڪندا رهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ