Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 24:1 - Muslim Sindhi Bible

1 هي آهن اهي ٽولا جيڪي هارون جي اولاد مان هئا. هارون کي هي چار پٽ هئا: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ بني هارون جا هي حصا هئا. بني هارون: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 24:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود لاوين کي سندن گھراڻن موجب ٽن حصن ۾ ورهايو، يعني جيرشون، قهات ۽ مراري.


هن کيس ڪاهنن ۽ لاوين جي فرضن ۽ خداوند جي هيڪل جي سموري ڪم ڪار ۽ ان جي خدمت ۾ استعمال ٿيندڙ سڀني ٿانون بابت هدايتون ڏنيون.


عمرام کي ٻہ پٽ هارون ۽ موسيٰ هئا ۽ هڪ ڌيءَ مريم هئي. هارون جا پٽ هي هئا: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.


ولد القانہ ولد يروحام ولد الي‌ايل ولد توح


سو لاوين ۽ يهوداہ وارن سڀني ائين ئي ڪيو جيئن يهويدع ڪاهن کين حڪم ڏنو هو. سڀني سالارن پنهنجا پنهنجا اهي ماڻهو گڏ ڪيا جيڪي سبت جي ڏينهن ڪم تي چڙهڻا هئا يا اهي جيڪي ڪم تان لهڻا هئا، ڇاڪاڻ تہ يهويدع ڪاهن ڪنهن کي بہ هيڪل کان ٻاهر وڃڻ جي موڪل نہ ڏني هئي.


حزقياہ بادشاهہ ڪاهنن ۽ لاوين جي خدمتن جو نئين سر انتظام ڪيو. انهن کي هيڪل جي هر ڪا خدمت ڪرڻي هئي، جنهن ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪرڻيون هيون ۽ هيڪل جي اڳيان خداوند جي شڪرگذاري ۽ سندس واکاڻ جا گيت ڳائڻا هئا.


اتي جيڪي بہ ڪاهن هئا تن صندوق کڻي اچڻ کان اڳ ۾ ئي پنهنجي پنهنجي مقرر ڪيل واري جي لحاظ کان سواءِ پاڻ کي پاڪ ڪيو هو. هيڪل جي سمورن لاوي ڳائڻن، يعني آسف، هيمان، يدوتون ۽ سندن پٽن ۽ مائٽن کي سنهي وٽيل سڻيءَ جا ڪپڙا پهريل هئا. اهي قربان‌گاهہ جي اوڀر پاسي بيٺا هئا ۽ ٽليون ۽ تارن وارا ساز وڄائي رهيا هئا. انهن سان گڏ هڪ سؤ ويهن ڪاهنن شرنايون پئي وڄايون. شرناين، ٽلين ۽ ٻين سازن وڄائڻ وارن سان گڏجي سڀيئي ڳائڻ وارا بلند آواز سان خداوند جي تعريف ۾ چئي رهيا هئا تہ ”خداوند جي واکاڻ هجي، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي ۽ سندس شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“ جڏهن ڪاهن مقدس جاءِ مان نڪري آيا، تڏهن خداوند جو گھر هڪڙي ڪڪر سان ڀرجي ويو.


پنهنجي پيءُ دائود جي قاعدي جي پيروي ڪندي هن ڪاهنن جون ٽوليون واري واري سان هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيون. لاوين کي مقرر ڪيائين تہ هو روزمرہ جي دستور موجب حمد ۾ اڳواڻي ڪن ۽ ڪاهنن جي خدمت چاڪري ڪن. هن دربانن کي بہ ٽولن جي صورت ۾ سڀني درن تي مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي ٻانهي دائود بادشاهہ ائين ئي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.


موسيٰ جي ڪتاب ۾ لکيل هدايتن مطابق هنن ڪاهنن کي، پنهنجي پنهنجي حصي موجب ۽ لاوين کي پنهنجي پنهنجي ٽولي موجب، يروشلم ۾ خدا جي هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو.


ولد ابيسوع ولد فينحاس ولد اليعزر ولد هارون سردار ڪاهن


”تون بني اسرائيل مان پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر کي پاڻ وٽ سڏاءِ تہ جيئن اُهي منهنجي لاءِ ڪاهن ٿين.


هارون اليشبع سان شادي ڪئي، جيڪا نحسون جي ڀيڻ ۽ عمينداب جي ڌيءَ هئي. انهيءَ مان کيس چار پٽ ڄاوا: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.


هارون کي هي پٽ ڄاوا: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.


کيس چار پٽ هئا، جن جا نالا هي آهن: ندب، جيڪو پهريتو هو، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.


جڏهن ندب ۽ ابيهو سينا جي بيابان ۾ خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ پيش ڪئي، تڏهن اهي اتي ئي سندس حضور ۾ مري ويا. کين اولاد ڪونہ هو. سو اليعزر ۽ اتمر پنهنجي پيءُ هارون جي حياتيءَ دوران ڪهانت جي عهدي تي رهي مقدس خيمي ۾ خدمت ڪندا رهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ