Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 23:6 - Muslim Sindhi Bible

6 دائود لاوين کي سندن گھراڻن موجب ٽن حصن ۾ ورهايو، يعني جيرشون، قهات ۽ مراري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ دائود انهن کي جيرسون، قهات ۽ مراري، يعني بني لاويءَ جي حصن موجب ورهايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 23:6
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيرشون ولد لاوي جا پٽ لبني ۽ شمعي هئا.


هي آهن اهي ٽولا جيڪي هارون جي اولاد مان هئا. هارون کي هي چار پٽ هئا: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.


اهي لاوي جيڪي هيڪل جي دربان طور چونڊيا ويا، تن جي ترتيب هيءَ هئي. بني قورح مان مسلمياہ ولد قوري چونڊيو ويو، جيڪو آسف جي گھراڻي مان هو.


هن کيس ڪاهنن ۽ لاوين جي فرضن ۽ خداوند جي هيڪل جي سموري ڪم ڪار ۽ ان جي خدمت ۾ استعمال ٿيندڙ سڀني ٿانون بابت هدايتون ڏنيون.


لاويءَ ولد يعقوب جا پٽ هي هئا: جيرشون، قهات ۽ مراري.


لاويءَ جا پٽ هي هئا: جيرشون، قهات ۽ مراري.


پوءِ يهويدع هيڪل جي ڪم تي انهن ڪاهنن ۽ لاوين کي ئي مقرر ڪيو، جن جي ڪٽنبن کي دائود خداوند جي گھر ۾ ڪم ورهائي ڏنا هئا، تان‌تہ اهي موسيٰ جي شريعت مطابق خداوند لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، ۽ دائود جي حڪم مطابق خوشيون ڪندي عبادت ۾ رهنمائي ڪن ۽ ڳائن وڄائن.


جيئن خداوند غيبدان جاد ۽ ناتن نبيءَ جي معرفت دائود بادشاهہ کي حڪم ڏنو، تيئن ئي حزقياہ خداوند جي گھر ۾ لاوين کي ٽلين، دنبورن ۽ سارنگين سان مقرر ڪيو.


حزقياہ بادشاهہ ڪاهنن ۽ لاوين جي خدمتن جو نئين سر انتظام ڪيو. انهن کي هيڪل جي هر ڪا خدمت ڪرڻي هئي، جنهن ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪرڻيون هيون ۽ هيڪل جي اڳيان خداوند جي شڪرگذاري ۽ سندس واکاڻ جا گيت ڳائڻا هئا.


اهڙيءَ طرح عبادت جي سامان جي تياري ٿي چڪي ۽ ڪاهن ۽ لاوي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي خدمت لاءِ تيار ٿي بيٺا، جيئن بادشاهہ حڪم ڏنو هو.


بني اسرائيل جي بادشاهہ دائود ۽ سندس پٽ سليمان جي لکيل هدايتن موجب پنهنجن گھراڻن مطابق هيڪل ۾ خدمت لاءِ پاڻ کي تيار رکو.


پنهنجي پيءُ دائود جي قاعدي جي پيروي ڪندي هن ڪاهنن جون ٽوليون واري واري سان هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيون. لاوين کي مقرر ڪيائين تہ هو روزمرہ جي دستور موجب حمد ۾ اڳواڻي ڪن ۽ ڪاهنن جي خدمت چاڪري ڪن. هن دربانن کي بہ ٽولن جي صورت ۾ سڀني درن تي مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي ٻانهي دائود بادشاهہ ائين ئي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.


موسيٰ جي ڪتاب ۾ لکيل هدايتن مطابق هنن ڪاهنن کي، پنهنجي پنهنجي حصي موجب ۽ لاوين کي پنهنجي پنهنجي ٽولي موجب، يروشلم ۾ خدا جي هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو.


لاويءَ جا پٽ جيڪي پنهنجي پنهنجي نسل جا وڏا هئا سي هي آهن: جيرشون، قهات ۽ مراري.


انهن کي مسح ڪري ڪهانت جي عهدي تي رکي، مقدس خيمي ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو.


منهنجي ملاقات واري خيمي ۾ مون لاءِ ئي مخصوص شين جي سنڀال ڪرڻ بني قهات جو ڪم آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ