Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 23:4 - Muslim Sindhi Bible

4 بادشاهہ انهن مان چوويهہ هزار خداوند جي هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيا ۽ ڇهن هزارن کي عملدار ۽ جج مقرر ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 انهن مان چوويهہ هزار خداوند جي گهر جي ڪم جي نگهبانيءَ لاءِ هئا؛ ۽ ڇهہ هزار عملدار ۽ قاضي هئا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 23:4
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن جا ٻيا لاوي ڀائر خدا جي گھر جي مقدس خيمي ۾ ٻين سڀني خدمتن لاءِ مقرر ٿيل هئا.


انهيءَ کان سواءِ يهوسفط يروشلم ۾ بہ لاوين، ڪاهنن ۽ گھراڻن جي وڏن مان ڪن ماڻهن کي مقرر ڪيو تہ اهي خداوند جي شريعت مطابق انصاف ڪن ۽ جھيڙن جھڳڙن جا فيصلا ڪن. سو اهي يروشلم ۾ رهي ڪم ڪرڻ لڳا.


پوءِ يهويدع هيڪل جي ڪم تي انهن ڪاهنن ۽ لاوين کي ئي مقرر ڪيو، جن جي ڪٽنبن کي دائود خداوند جي گھر ۾ ڪم ورهائي ڏنا هئا، تان‌تہ اهي موسيٰ جي شريعت مطابق خداوند لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، ۽ دائود جي حڪم مطابق خوشيون ڪندي عبادت ۾ رهنمائي ڪن ۽ ڳائن وڄائن.


سي مزدورن جي مٿان داروغا هئا ۽ هر قسم جي ڪم تي سڀني ماڻهن جي نگراني ڪندا هئا. لاوين مان ڪجھہ نگران مقرر هئا جڏهن تہ ٻيا منشي ۽ دربان بڻايا ويا.


يروشلم ۾ لاوين جو نگران عزي ولد باني ولد حسبياہ ولد متنياہ ولد ميڪا هو. عزي آسف جي اولاد مان هو جيڪي ڳائڻا هئا ۽ هيڪل ۾ ڳائڻ جي خدمت سندن ذمي هئي.


يوايل ولد زڪري انهن جو سردار هو ۽ يهوداہ ولد هسنوہ شهر جي حاڪم جو نائب هو.


جڏهن ڪو جھڳڙو کڙو ٿئي تڏهن ڪاهن منصف ٿين ۽ منهنجي شريعت مطابق انصاف ڪن. هو منهنجي سڀني مقرر ڪيل عيدن تي منهنجي شريعت ۽ قاعدن قانون تي عمل ڪرائين ۽ منهنجي سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ٿيڻ نہ ڏين.


بيشڪ ڪاهن جو اهو ئي فرض آهي تہ کيس مون خدا بابت صحيح ڄاڻ هجي، تہ جيئن ماڻهو کانئس شريعت جي تعليم حاصل ڪن، ڇو تہ ڪاهن مون قادرِمطلق خداوند جو پيغام ڏيندڙ آهي.“


اوهين پاڻ سان گڏ انهيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن لاءِ پاڪ روح اوهان کي ڌنار مقرر ڪيو آهي. سو خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جيڪا هن پنهنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي آهي.


”اوهين پنهنجن سڀني شهرن ۾، جيڪي خداوند اوهان جو خدا اوهان جي قبيلن مطابق اوهان کي ڏيندو، جج ۽ حاڪم مقرر ڪجو. اهي ماڻهن ۾ بي‌ريائيءَ سان عدالت ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ