Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 23:32 - Muslim Sindhi Bible

32 اهڙيءَ طرح لاوي مقدس خيمي ۽ ان جي مخصوص شين جي حفاظت وارن قاعدن مطابق بني هارون يعني ڪاهنن جي نظرداريءَ هيٺ خداوند جي هيڪل جي خدمت ڪندا ٿا اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 ۽ خداوند جي گهر جي خدمت جي لاءِ، جماعت جي تنبوءَ جي، ۽ پاڪ جاءِ جي حفاظت ڪن، ۽ پنهنجي ڀائرن، يعني بني هارون جي سنڀال ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 23:32
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن خداوند جي عهد واري صندوق، خدا سان ملاقات وارو خيمو ۽ ان جو سمورو مخصوص ڪيل سامان هيڪل ۾ آندو. اهي سڀ شيون ڪاهنن ۽ لاوين کڻي آنديون.


اهي خدا جي گھر جي چوگرد رات گذاريندا هئا، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي نگهباني ڪرڻ ۽ هر روز صبح جو انهيءَ جا دروازا کولڻ سندن ذميواري هوندي هئي.


تنهن هوندي بہ آءٌ هنن کي هيڪل جي سار سنڀال ۽ انهيءَ جي هر طرح جي خدمت چاڪريءَ ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ ڪرڻو هوندو تنهن لاءِ مقرر ڪندس.“


پر لاوي پنهنجا تنبو مقدس خيمي جي چوڌاري هڻن. اهو انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو انهيءَ جي ويجھو اچي ۽ آءٌ بني اسرائيل قوم تي پنهنجو غضب نازل ڪريان. لاوي ئي مقدس خيمي جي سنڀال جا ذميوار آهن.“


تون ۽ تنهنجا پٽ مقدس خيمي ۽ قربان‌گاهہ جي سنڀال ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اڳتي وري بني اسرائيل تي منهنجو غضب نازل نہ ٿئي.


موسيٰ، هارون ۽ سندس پٽن کي خدا سان ملاقات واري خيمي جي سامهون اوڀر طرف پنهنجا تنبو کوڙڻا هئا. مقدس جاءِ جي سنڀال بني اسرائيل جي پاران انهن جي ئي ذمي هئي. جيڪڏهن ڪو ٻيو مقدس جاءِ جي ويجھو اچي ها تہ ان کي مارڻو هو.


اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ پنهنجن لاوي ڀائرن سان انهن جي ٻين ڪمن ۾ ڀلي هٿ ونڊائيندا رهن، پر هو پنهنجي سر خدمت وارو ڪوبہ ڪم نہ ڪن. اهڙيءَ ئي طرح تو کي لاوين جي ذمي ڪم سونپڻا آهن.“


تہ اُتي موجود پنهنجي سڀني لاوي ڀائرن وانگر هو بہ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خدمت ڪندو رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ