Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 23:31 - Muslim Sindhi Bible

31 ۽ سبت، نئين چنڊ جي عيد ۽ ٻين مقرر ڪيل عيدن تي قربانيون پيش ڪرڻ وقت پڻ خداوند جو شڪر ۽ تعريف ڪرڻ. انهن لاءِ قاعدا مقرر ڪيا ويا تہ خداوند جي حضور ۾ انهن ذميوارين پوري ڪرڻ لاءِ هر مقرر ڪيل وقت تي ڪيتري تعداد ۾ هجن. لاوين کي هميشہ لاءِ خداوند جي عبادت جي اها ذميواري سونپي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ۽ سبت، ۽ نئين چنڊ، ۽ مقرر عيدن تي، هميشہ خداوند جي حضوريءَ ۾ پوري تعداد موجب، سڀ سوختني قربانيون قاعدي موجب چاڙهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 23:31
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن کانئس پڇيو تہ ”اڄ ڇو ٿي انهيءَ وٽ وڃين؟ اڄ نڪو نئون چنڊ آهي نہ وري سبت آهي.“ انهيءَ عورت وراڻيس تہ ”بس، انهيءَ ۾ ڪا چڱائي آهي.“


روز صبح ۽ شام جو خداوند جو شڪر ۽ تعريف ڪرڻ


جڏهن هو سمورو ڪم پورو ڪري چڪا تڏهن باقي بچيل رقم هنن بادشاهہ ۽ يهويدع جي اڳيان آڻي رکي جن انهيءَ مان خوشبودان ۽ هيڪل جي خدمت ڪرڻ لاءِ ۽ قرباني پيش ڪرڻ لاءِ سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ جوڙايا. يهويدع جي جيئري رهڻ تائين باقاعدگيءَ سان هيڪل ۾ ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون وينديون هيون.


بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهان جي لاءِ خاص آرام جو ڏينهن آهي. انهيءَ ڏينهن جو اظهار نفيلون وڄائي ڪيو وڃي ۽ سڀيئي عبادت لاءِ گڏ ٿين.


جڏهن اوهين پنهنجي ٻنيءَ جو فصل گڏ ڪري چڪو، تڏهن ستين مهيني جي پندرهين تاريخ کان وٺي ستن ڏينهن تائين مون خداوند جي لاءِ اها تنبن واري عيد ملهائجو. انهن ۾ پهريون ۽ اٺون ڏينهن خاص آرام جا ڏينهن آهن.


اوهين پنهنجي خوشيءَ جي وقت، پنهنجن مقرر ٿيل عيدن تي ۽ نئين چنڊ وارن ڏينهن تي، پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين ۽ سلامتيءَ وارين قربانين تي توتارا وڄائجو. اهي مون خداوند جي حضور ۾ اوهان کي ياد رکڻ جو سبب بڻبا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


تنهنڪري ڪنهن کي بہ اها اختياري هلائڻ نہ ڏيو جو کاڌي پيتي، عيد، نئين چنڊ يا سبت جي ڏينهن جي رسمن تي عمل نہ ڪرڻ ڪري اوهان کي ڪو ڏوهاري قرار ڏئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ