Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 23:28 - Muslim Sindhi Bible

28 لاوين تي اهو ڪم رکيو ويو تہ هو خداوند جي هيڪل جي خدمت جي وقت، اڱڻ ۽ حجرن ۾ ۽ سڀني مخصوص شين جي سنڀال ڪرڻ ۾ بني هارون جي مدد ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ انهن جو ڪم اهو هو تہ خداوند جي گهر جي خدمت جي وقت، اڱڻ ۽ ڪوٺين ۾ ۽ سڀني پاڪ شين کي مخصوص ڪرڻ ۾، يعني خدا جي گهر جي خدمت جي ڪم ۾، بني هارون جي مدد ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 23:28
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هيڪل جي ٻاهرين ڀتين سان هيڪل جي پٺيان ۽ ٻنهي پاسن کان هن ٽي منزلہ حجرا ٺهرايا.


بناياہ ولد يهويدع دائود جي ذاتي محافظن جي مٿان سالار هو ۽ دائود جا پٽ اعليٰ درجي تي مقرر هئا.


سو دائود جي آخري هدايتن موجب ويهن سالن ۽ ان کان مٿي عمر وارا بني لاوي شمار ڪيا ويا.


سندن هيءَ پڻ ذميواري هئي: خداوند اڳيان نذر ڪيل ماني، نذرانن ۾ استعمال ٿيندڙ اٽو، بي‌خميري ڍوڍا، پڪل مانين جا نذرانا ۽ زيتون جي تيل ۾ ڳوهيل اٽو پيش ڪرڻ، خداوند جي هيڪل ۾ پيش ٿيندڙ نذرانن جي تور ماپ ڪرڻ،


بادشاهہ انهن مان چوويهہ هزار خداوند جي هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيا ۽ ڇهن هزارن کي عملدار ۽ جج مقرر ڪيائين.


هن کيس ڪاهنن ۽ لاوين جي فرضن ۽ خداوند جي هيڪل جي سموري ڪم ڪار ۽ ان جي خدمت ۾ استعمال ٿيندڙ سڀني ٿانون بابت هدايتون ڏنيون.


هاڻي اوهان تي هيئن ڪرڻ لازم آهي تہ اوهان مان جيڪي ڪاهن ۽ لاوي سبت جي ڏينهن هيڪل جي اندر مقرر ٿيل آهن تن کي ٽن حصن ۾ ورهايو وڃي. هڪ حصو هيڪل جي دروازن تي دربان ٿي بيهي.


هيڪل جي خدمتگار ڪاهنن ۽ لاوين کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خداوند جي گھر ۾ اندر نہ اچي. رڳو اهي ئي اندر داخل ٿين، ڇاڪاڻ تہ اهي اڳي ئي انهيءَ لاءِ مخصوص ٿيل آهن. باقي ٻيا ماڻهو خداوند جي حڪم موجب ٻاهر بيهي رهن.


هنن ماڻهن پنهنجي لاوي ڀائرن کي گڏ ڪيو ۽ انهن سڀني پاڻ کي پاڪ ڪيو. پوءِ هنن بادشاهہ جي حڪم مطابق خداوند جي شريعت موجب خداوند جي گھر اندر وڃي ان کي پاڪ ڪرڻ شروع ڪيو.


کين چيو تہ ”هاڻي اسان کي خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي گھر کي وري مخصوص ڪرڻو آهي. سو اي لاويؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. هاڻ اوهين پنهنجو پاڻ کي پاڪ ڪريو ۽ انهيءَ مقدس هيڪل مان سموري گندگي ڪڍي ڇڏيو.


تڏهن حزقياہ بادشاهہ حڪم ڏنو تہ ”انهيءَ سامان لاءِ خداوند جي گھر ۾ گدام ٺاهيا وڃن.“ سو هنن اهي تيار ڪيا.


حزقياہ بادشاهہ ڪاهنن ۽ لاوين جي خدمتن جو نئين سر انتظام ڪيو. انهن کي هيڪل جي هر ڪا خدمت ڪرڻي هئي، جنهن ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪرڻيون هيون ۽ هيڪل جي اڳيان خداوند جي شڪرگذاري ۽ سندس واکاڻ جا گيت ڳائڻا هئا.


اوهين انهن جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪجو جيستائين اوهين يروشلم ۾ خداوند جي گھر جي خزاني ۾ مکيہ ڪاهنن، لاوين ۽ بني اسرائيل جي گھراڻن جي وڏن اڳيان توري سندن حوالي ڪريو.“


فتحياہ ولد مشيزبيل جيڪو زارح ولد يهوداہ جي اولاد مان هو، سو عوامي مسئلن لاءِ شهنشاهہ جو مشير مقرر هو.


پوءِ منهنجي حڪم موجب سڀيئي ڪوٺيون پاڪ ڪيون ويون ۽ خدا جي گھر جا ٿانوَ، اناج جي قربانين ۽ لوبان سميت موٽائي آڻي اتي رکيا ويا.


خداوند جي گھر ۾ خدا جي ٻانهي حنان ولد يجدلياہ جي مريدن واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيس. اها ڪوٺي عملدارن جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان ۽ دربانن جي نگران مسعياہ ولد سلوم جي ڪوٺيءَ جي مٿان هئي.


تنهن کان پوءِ اهو ماڻهو مون کي هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ ۾ وٺي ويو. اتي ڇا ڏسان تہ ٻاهرين ڀت جي اندرين پاسي ۾ چئني طرفن تي ٽيهہ ڪمرا ٺهيل آهن. انهن ڪمرن جي اڳيان سندن دروازن وٽ اڱڻ جي چوڌاري پٿرن سان فرش ٻڌل هو.


انهيءَ ڪمري جي پاسن وارين ٻاهرين ڀتين ۾ دريون هيون ۽ کجيءَ جي وڻن جون تصويرون بہ ڇاپيل هئن. عمارت جي پاسن وارن ڪمرن جي اڳيان بہ اهڙيءَ طرح ڇٽيون ٺهيل هيون.


پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيڪل جي اتر ۽ ڏکڻ پاسي وارا اهي ڪمرا خداوند جي خدمت لاءِ ئي مخصوص آهن. انهن ڪمرن ۾ خداوند جا چونڊيل ڪاهن قربانين جون اهي شيون کائيندا جيڪي خداوند لاءِ ئي مخصوص آهن. اناج جون قربانيون، گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيون بہ اتي ئي رکيون وينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ قربانيون رڳو خداوند لاءِ مخصوص آهن.


سو انهيءَ عمارت جي ڏکڻ پاسي هيڪل جي ڀرسان واري ڏهہ ميٽر ويڪري خالي جاءِ بہ هئي ۽ اتر پاسي ٻاهرين اڱڻ وارو فرش هو. اها عمارت ٽن طبقن تي ٺهيل هئي، جنهن جو هر هڪ طبقو هڪٻئي کان مٿي ۽ پوئتي هو.


تنهن هوندي بہ آءٌ هنن کي هيڪل جي سار سنڀال ۽ انهيءَ جي هر طرح جي خدمت چاڪريءَ ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ ڪرڻو هوندو تنهن لاءِ مقرر ڪندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ