14 پر خدا جي بندي موسيٰ جي اولاد کي رڳو لاوين جي قبيلي طور ڳڻيو ويو.
14 باقي رهيو خدا جو مرد موسيٰ سو انهيءَ جا پٽ لاوين جي قبيلي ۾ ڳڻيا ويا.
موسيٰ جا پٽ جيرشوم ۽ اليعزر هئا.
هر هڪ ڪاهن ۽ لاوي خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت موجب پنهنجن پنهنجن مقرر ڪيل ڪمن کي لڳي ويو. ڪاهنن لاوين جي هٿان قربانين جو رت وٺي قربانگاهہ تي ڇٽڪاريو.
تڏهن يشوع ولد يوصدق ۽ سندس ٻيا ساٿي ڪاهن، زربابل ولد سالتيايل ۽ سندس قوم وارا اٿيا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي قربانگاهہ تعمير ڪرڻ لڳا تہ جيئن انهيءَ تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، جيئن خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي.
اي ڌڻي! پيڙهي بہ پيڙهي تون ئي اسان جي پناهہگاهہ رهيو آهين.
خدا جي ٻانهي موسيٰ پنهنجي مرڻ کان اڳ ۾ بني اسرائيل کي برڪت لاءِ جيڪا دعا ڪئي سا هيءَ آهي.
پوءِ بني يهوداہ قبيلي جا ڪي ماڻهو جِلجال ۾ يشوع وٽ آيا. انهن مان ڪالب بن يفنہ قنزيءَ کيس چيو تہ ”توهان کي خبر آهي تہ قادشبرنيع ۾ مردِخدا موسيٰ کي منهنجي ۽ توهان جي باري ۾ خداوند ڇا فرمايو هو.