Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 23:13 - Muslim Sindhi Bible

13 عمرام ولد قهات جا پٽ هارون ۽ موسيٰ هئا. هارون ۽ سندس اولاد کي هميشہ لاءِ ڪاهن مقرر ڪيو ويو هو تہ هو مخصوص شين جي سنڀال ڪن، خداوند اڳيان جانورن جون قربانيون پيش ڪن، سندس خدمت ڪن ۽ سندس نالي تي هميشہ دعا ڏيندا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 بني عمرام؛ هارون ۽ موسيٰ: ۽ هارون ڌار ڪيو ويو هو تہ تمام پاڪ شين کي مخصوص ڪري، ۽ پاڻ ۽ سندس پٽ هميشہ لاءِ خداوند جي لاءِ لوبان ساڙين، ۽ خدمت ڪن، ۽ سندس نالي تي هميشہ لاءِ دعا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 23:13
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قهات جا هي چار پٽ هئا: عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزي‌ايل.


عمرام کي ٻہ پٽ هارون ۽ موسيٰ هئا ۽ هڪ ڌيءَ مريم هئي. هارون جا پٽ هي هئا: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.


ولد القانہ ولد يروحام ولد الي‌ايل ولد توح


ان بعد خيمي‌گاهہ ۾ ڪن ماڻهن موسيٰ سان ڏاڍو حسد ڪيو، ۽ هارون، جيڪو خداوند جي خدمت لاءِ مخصوص ٿيل هو، تنهن سان پڻ حسد ڪيائون.


موسيٰ ۽ هارون ٻيئي خداوند جا ڪاهن هئا، ۽ سموئيل بہ سندس نالو وٺي پڪاريندو هو، سو خداوند انهن جون دعائون قبول ڪندو هو.


تون نج سون جي هڪڙي تختي ٺهرائج ۽ جيئن منڊي اُڪربي آهي تيئن انهيءَ تي هي اکر اُڪرائي ڇڏج، ’خداوند جي لاءِ مخصوص.‘


آءٌ پنهنجي ملاقات واري خيمي ۽ قربان‌گاهہ کي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪندس. آءٌ هارون ۽ سندس پٽن کي بہ مخصوص ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ اُهي ڪاهن بڻجي منهنجي خدمت ڪن.


عمرام پنهنجي پڦيءَ يوڪبد سان شادي ڪئي. انهيءَ مان کيس ٻہ پٽ هارون ۽ موسيٰ پيدا ٿيا. عمرام جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ سال هئي.


ان جو سبب هي آهي تہ اوهين مون خدا لاءِ مخصوص ٿيل شين ۽ عام شين ۽ حرام ۽ حلال جي وچ ۾ فرق معلوم ڪري سگھو.


خداوند هارون کي فرمايو تہ ”مقدس خيمي بابت ڪنهن بہ خطا جي ذميواري تو تي، تنهنجي پٽن تي ۽ تنهنجي اباڻي قبيلي لاويءَ تي آهي. باقي ڪهانت جي خطا جي ذميواري رڳو تو تي ۽ تنهنجي پٽن تي آهي.


عمرام، لاويءَ جي ڌيءَ يوڪبد سان پرڻيل هو جا لاويءَ کي مصر ۾ ڄائي هئي. انهيءَ مان عمرام کي ٻہ پٽ هارون ۽ موسيٰ ۽ هڪڙي ڌيءَ مريم ڄاوا.


عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزي‌ايل ڪٽنب قهات جي نسل مان هئا.


تڏهن ڪاهنن جي رسم موجب مٿس پُکو پيو تہ هو هيڪل جي مقدس جاءِ ۾ وڃي لوبان ٻاري.


هڪ ڏينهن جڏهن هنن روزو رکي خداوند جي عبادت پئي ڪئي تہ پاڪ روح کين چيو تہ ”جنهن ڪم لاءِ مون برنباس ۽ سائول کي چونڊيو آهي، تنهن لاءِ کين مخصوص ڪريو.“


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو مسيح يعني عيسيٰ جو ٻانهو آهيان. خدا مون کي رسول ڪري چونڊيو آهي ۽ پنهنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مخصوص ڪيو اٿس.


پر خدا پنهنجي فضل سان مون کي ماءُ جي پيٽ ۾ ئي مخصوص ڪيو ۽ پنهنجي خدمت لاءِ مون کي سڏيو، تنهن پنهنجي مرضيءَ سان


هوڏانهن جڏهن بني اسرائيل اڃا سينا جبل وٽ ئي هئا تہ خداوند لاويءَ جي قبيلي کي الڳ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي خداوند جي عهد واري صندوق کڻن ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي سندس خدمت ڪن ۽ سندس نالو وٺي ماڻهن لاءِ خير جي دعا گھرن. اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ٿيندو پيو اچي.


پوءِ ڪاهن ويجھو اچن، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي خدا انهن کي لاوي قبيلي مان ان لاءِ چونڊيو آهي تہ اهي سندس خدمت ڪن ۽ خداوند جي نالي سان ماڻهن لاءِ خير جي دعا گھرن ۽ هر ڪنهن جھيڙي ۽ خونريزيءَ جو فيصلو ڪن.


عزت وارو اهو عهدو ڪوبہ ماڻهو پنهنجو پاڻ حاصل ڪري نہ ٿو سگھي، جيستائين خدا کيس هارون نالي پهرئين سردار ڪاهن وانگر نہ چونڊي.


هڪڙو ٻيو ملائڪ جنهن جي هٿ ۾ سونو خوشبودان هو، سو اچي قربان‌گاهہ وٽ بيٺو. کيس گھڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيئن مسيح ۾ چونڊي سڀني پاڪ ڪيلن جي دعائن سان گڏ هو اهو ان سوني لوبان‌دان تي ٻاري جيڪو تخت جي اڳيان هو.


ڇا بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان مون هن کي پنهنجي ڪاهن ٿيڻ لاءِ، پنهنجي قربان‌گاهہ جي خدمت لاءِ، لوبان ساڙڻ لاءِ ۽ پنهنجي حضور ۾ مذهبي وڳو پهرڻ لاءِ چونڊي نہ ڪڍيو هو؟ ڇا بني اسرائيل جون سموريون ساڙيون ويندڙ قربانيون مون تنهنجي ابي ڏاڏي جي گھراڻي کي نہ ڏنيون هيون؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ