1.تواريخ 22:7 - Muslim Sindhi Bible7 دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو تہ ”اي پٽ! اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ تہ هئي تہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هڪڙو گھر ٺاهيان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible7 ۽ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو تہ اهو منهنجي دل ۾ هو تہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي لاءِ گهر جوڙيان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙو گھر جوڙائڻ چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ ان گھر کي خدا جي لاءِ مخصوص ڪيو وڃي ۽ انهيءَ جي اڳيان خوشبودار لوبان ساڙيو وڃي. اتي سندس حضور ۾ باقائدہ مخصوص روٽ پيش ڪيا وڃن ۽ صبح شام، سبت جي ڏينهنِ تي، نئين چنڊ جي ڏينهنِ تي ۽ خداوند اسان جي خدا جي مقرر ڪيل عيدن تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪيون وڃن. اهو بني اسرائيل لاءِ هميشہ جو قانون آهي.
پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.