Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 22:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ هن پنهنجي پٽ سليمان کي گھرائي خداوند، بني اسرائيل جي خدا لاءِ هڪڙو گھر تعمير ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 تڏهن هن پنهنجي پٽ سليمان کي سڏيو، ۽ تاڪيد ڪري چيائينس تہ خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ هڪڙو گهر ٺاهج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 22:6
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بادشاهہ پنهنجن ماڻهن کي هن بابت حڪم ڏنو. انهن ابرام کي سندس زال ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس هو، تنهن سميت ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو.


هاڻي جڏهن دائود بادشاهہ پنهنجي محل ۾ ئي ٿي رهيو ۽ خداوند سندس سڀني آس‌پاس وارن دشمنن کان کيس آرام ڏنو،


جڏهن دائود جي مرڻ جا ڏينهن اچي ويجھا ٿيا تڏهن پنهنجي پٽ سليمان کي وصيت ڪري چيائين تہ


هاڻي دائود پنهنجي محل ۾ رهندو هو. تڏهن هڪ ڏينهن هن ناتن نبيءَ کي گھرائي چيو تہ ”ڏس، آءٌ تہ ديال جي ڪاٺ مان ٺاهيل گھر ۾ رهان ٿو، پر خدا جي عهد واري صندوق تنبوءَ هيٺ رهي ٿي.“


دائود بادشاهہ انهن جي اڳيان اُٿي بيٺو ۽ کين چيائين تہ ”اي منهنجا ڀائرؤ! اي منهنجي قوم! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. منهنجي دل ۾ هو تہ خداوند جي عهد واري صندوق لاءِ آرام‌گاهہ ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پيرن جي صندلي ٺاهيان ۽ مون انهيءَ جي ٺاهڻ جي تياري بہ ڪئي هئي.


هن انهيءَ جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکيا ۽ کيس پنهنجو جاءِ‌نشين مقرر ڪيائين، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”هاڻي تنهنجي مرڻ جا ڏينهن ويجھا آيا آهن، سو يشوع کي سڏ ۽ پوءِ اوهين ٻيئي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ اچي حاضر ٿيو، تہ آءٌ هن کي هدايتون ڏيان.“ تنهن تي موسيٰ ۽ يشوع وڃي خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ حاضر ٿيا.


خداوند نون جي پٽ يشوع کي هدايت ڪري چيو تہ ”مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تون بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ ۾ وٺي ويندين، جنهن بابت مون ساڻن قسم کڻي واعدو ڪيو آهي. آءٌ پاڻ بہ تو ساڻ هوندس.“


آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا، عيسيٰ مسيح ۽ خاص ملائڪن کي حاضر ناظر ڄاڻي بنا ڪنهن تعصب جي انهن هدايتن تي عمل ڪجانءِ ۽ ڪنهن جي بہ طرفداريءَ نہ ڪجانءِ.


هاڻ آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا ۽ عيسيٰ مسيح، جيڪو وري اچي بادشاهہ جي حيثيت سان ظاهر ٿيندو ۽ جيئرن توڙي مئلن جي عدالت ڪندو، تن ٻنهي کي حاضر ناظر ڄاڻي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ