Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 22:2 - Muslim Sindhi Bible

2 دائود بادشاهہ جي حڪم مطابق بني اسرائيل جي ملڪ ۾ جيڪي ڌاريا ماڻهو هئا تن کي گڏ ڪري انهن مان سنگتراش مقرر ڪيا ويا تہ جيئن اهي خدا جي هيڪل لاءِ پٿر گھڙين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ دائود حڪم ڏنو تہ اسرائيل جي ملڪ ۾ جيڪي ڌاريا آهن، تن کي گڏ ڪريو؛ ۽ هن رازا مقرر ڪيا تہ پٿر ڇلي خداوند جو گهر جوڙين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 22:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صور جي بادشاهہ حيرام دائود ڏانهن قاصد موڪليا، جن سان گڏ ديال جو ڪاٺ، واڍا ۽ رازا بہ موڪليائين. انهن دائود جي لاءِ هڪڙو محل جوڙيو.


جڏهن هيڪل تعمير ڪئي ٿي ويئي تڏهن اتي ڪنهن بہ مُترڪي، ڇيڻيءَ يا ڪنهن ٻئي لوهہ جي اوزار جو آواز ٻڌڻ ۾ ڪونہ پئي آيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پٿر استعمال ڪيا ٿي ويا سي جبلن مان ڪڍڻ وقت ئي گھڙي تيار ڪيا ويا هئا.


اوساري ڪرڻ وارن ۽ سنگ تراشن کي. هو ڪاٺ ۽ تراشيل پٿر بہ انهن پئسن مان خريد ڪندا هئا. ٻيو جيڪو ڪجھہ بہ خرچ هيڪل جي مرمت تي لڳندو هو تنهن لاءِ پڻ هو پئسا ڏيندا هئا.


يعني واڍن کي، اڏاوت ڪندڙن کي ۽ رازن کي. ان کان علاوہ هيڪل جي مرمت ڪرائڻ لاءِ ڪاٺ ۽ تراشيل پٿرن جي خريداري بہ ڪئي وڃي.


صور جي بادشاهہ حيرام دائود ڏانهن ڪجھہ قاصد موڪليا. هن دائود ڏانهن ديال جو ڪاٺ، رازا ۽ واڍا پڻ موڪليا، تہ جيئن هن لاءِ هڪ محل تعمير ڪن.


دائود بادشاهہ سڄيءَ قوم کي چيو تہ ”منهنجو پٽ سليمان، جنهن کي ئي خدا چونڊيو آهي سو اڃا نوجوان ۽ ناتجربيڪار آهي ۽ ڪم تمام وڏو آهي، ڇاڪاڻ تہ اها هيڪل انسان لاءِ نہ آهي پر خداوند خدا جي لاءِ آهي.


اسين لبنان جي جبلن مان ايترو ڪاٺ وڍينداسون جيترو اوهين گھرندا. اهو سمنڊ جي رستي ٻيڙين وانگر تاري يافا شهر جي بندر تائين آڻينداسون. پوءِ اُهو اوهين اُتان يروشلم ڏانهن کڻائي وڃجو.“


بادشاهہ سليمان اسرائيل جي ملڪ ۾ رهندڙ پرڏيهين جي مردم شماري ڪرائي، جهڙيءَ طرح سندس پيءُ دائود ڪرائي هئي. اهي هڪ لک ٽيونجاهہ هزار ڇهہ سؤ ٿيا.


پوءِ ماڻهن رازن ۽ واڍن جي مزدوريءَ لاءِ پئسا ڏنا. هنن کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ زيتون جو تيل بہ ڏنو تہ جيئن اهي شيون صيدا ۽ صور ڏانهن موڪليون وڃن، جنهن جي عيوض لبنان کان يافا تائين سمنڊ رستي ديال جا وڻ وڍائي آندا وڃن. اهو سڀ ڪجھہ فارس جي بادشاهہ خورس جي اجازت سان ٿي ڪيو ويو.


اڳي اوهين مسيح کان ڌار، بني اسرائيل جي جماعت کان ٻاهر ۽ خدا جي ٻڌل عهدن کان اڻ‌ڄاڻ هئا. اوهين هن دنيا ۾ خدا کان جدا ۽ نااميديءَ واري زندگي گذاريندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ