Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 22:19 - Muslim Sindhi Bible

19 هاڻ اوهين پنهنجي دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو. هاڻ اُٿو ۽ خداوند خدا جي لاءِ هڪ عبادت‌گاهہ ٺاهيو، تہ جيئن اوهان خداوند جي عهد واري صندوق ۽ خدا جا پاڪ ٿانوَ آڻي انهيءَ گھر ۾ رکي سگھو، جيڪو خداوند جي نالي تي تعمير ڪيو ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 هاڻي اوهين پنهنجيءَ دل ۽ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي ڳولا ڪريو؛ تنهنڪري اُٿو، خداوند خدا جي پاڪ جاءِ ٺاهيو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق، ۽ خدا جا پاڪ ٿانوَ، انهيءَ گهر ۾ آڻيو جو خداوند جي لاءِ جڙندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 22:19
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”تون ڄاڻين ٿو تہ منهنجي پيءُ دائود خداوند پنهنجي خدا جي عبادت لاءِ انهيءَ ڪري هيڪل جوڙائي نہ سگھيو جو آس‌پاس وارن علائقن ۾ ايستائين ساڻس جنگيون هلنديون رهيون، جيستائين خداوند انهيءَ جي دشمنن کي سندس پيرن هيٺ نہ ڪيو.


مون انهيءَ ۾ عهد واري صندوق مقرر ڪيل جاءِ تي رکرائي آهي جنهن ۾ انهيءَ عهد واريون ٻئي تختيون آهن. اهو عهد خداوند اسان جي ابن ڏاڏن سان ان وقت ٻڌو هو جڏهن انهن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو هئائين.“


پوءِ ڪاهنن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي الهام‌گاهہ يعني مقدس ترين جاءِ ۾ سندس مقرر جاءِ يعني پردار آسماني مخلوق جي مجسمن جي بلڪل پرن هيٺ آڻي رکي.


اوهين هن جي پاڪ نالي تي فخر ڪندا رهو، ڀل تہ انهن سڀني جون دليون خوش ٿين، جيڪي خداوند جا طالبو آهن.


اوهين خداوند جا ۽ سندس قدرت جا طالبو رهو، اوهين سندس ديدار جي طلب رکندي هيڪل ۾ ايندا رهو.


يعني سون، چانديءَ، پتل ۽ لوهہ جي ڪم ۾. سو هاڻ ڪم شروع ڪر، خداوند شل هميشہ تو سان گڏ هجي!“


دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو تہ ”اي پٽ! اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ تہ هئي تہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هڪڙو گھر ٺاهيان.


دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صاف‌دليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.


اهو ٻڌي يهوسفط ڊڄي ويو ۽ خداوند کي ٻاڏائي ڪري رهنمائي گھرڻ لڳو. پوءِ هن سڄي يهوداہ ملڪ ۾ روزي رکڻ جو اعلان ڪرايو.


پوءِ ڪاهنن خداوند جي عهد واري صندوق هيڪل جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ پردار آسماني مخلوق جي مجسمن هيٺان مقرر ڪيل جاءِ تي آڻي رکي.


انهيءَ ۾ مون اُها صندوق رکرائي آهي جنهن ۾ انهيءَ عهد واريون ٻئي تختيون آهن، جيڪو عهد خداوند اسان جي ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو.“


بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جيڪي سندس حڪمن تي ٿا هلن، ۽ دل وَ جان سان سندس طالبو آهن.


خداوند عرش عظيم تان هيٺ بني آدم تي نگاهہ ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ جو هو ڏسي تہ ڇا ڪو سمجھو ۽ سندس طالب آهي.


آءٌ خداوند کي رڳو هڪڙو عرض ٿو ڪريان، جيڪو آءٌ چاهيندو ٿو رهان. منهنجو عرض اهو آهي تہ سڄي ڄمار آءٌ سندس گھر ۾ رهان، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ خداوند جو جمال پسان، ۽ سندس هيڪل ۾ سندس ئي طلب ۾ رهان.


هو منهنجي لاءِ هڪڙو مقدس خيمو ٺاهين، جو آءٌ سندن وچ ۾ رهندس.


اُٿ، اي يروشلم جي وسندي! روشن ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تو تي نور چمڪيو آهي. هائو، خداوند جي تجلي تنهنجي مٿان چمڪي رهي آهي.


اوهين منهنجا طالبو ٿيندا، هائو، جڏهن اوهين پوريءَ دل وَ جان سان منهنجا طالبو ٿيندا، تڏهن آءٌ اوهان سان پرچي پوندس.


سو مون پنهنجو منهن خداوند خدا ڏانهن ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ سندس راضپي لاءِ روزو رکي، کٿو ڍڪي ۽ خاڪ تي ويهي کانئس دعا گھران ۽ کيس منٿ ڪريان.


سو آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اوهين پنهنجي حال تي غور ڪريو.


هاڻي منهنجو هي فرمان آهي تہ اوهين جابلو علائقي ۾ وڃو ۽ اتان ڪاٺ آڻي منهنجي هيڪل جي نئين سر اڏاوت ڪريو. تڏهن آءٌ خداوند ائين ڪرڻ سان خوش ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ اتي بندگي ڪرڻ سان منهنجو شان وَ شوڪت ظاهر ٿيندو.


برنباس هڪ نيڪ شخص هو، جيڪو پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور هو. جڏهن هو اتي پهتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ مٿن فضل ڪيو آهي تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حوصلہ‌افزائي ڪندي کين چيائين تہ ”خداوند عيسيٰ سان دل وَ جان سان وفادار رهجو.“ پوءِ اتي گھڻا ئي ماڻهو خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻي ڪليسيا ۾ شامل ٿي ويا.


تہ پوءِ دير ڇا جي؟ اُٿي ۽ سندس نالو وٺي بپتسما وٺ تہ تنهنجا گناهہ ڌوپي وڃن.‘


پر اتي جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا طالبو ٿيندا تہ هو اوهان سان پرچي پوندو، پر شرط هي آهي تہ اوهين پوريءَ دل وَ جان سان سندس طالبو ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ