Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 22:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تو وٽ گھڻا ئي ڪاريگر سنگتراش، پٿر ۽ ڪاٺ تي اُڪر جو ڪم ڪندڙ ۽ اهڙا ماڻهو پڻ آهن جيڪي طرح طرح جي ڪمن ۾ ماهر آهن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 انهيءَ کانسواءِ تو وٽ گهڻيئي ڪاريگر آهن، يعني پٿر ۽ ڪاٺ ٽُڪڻ ۽ ڇلڻ وارا، ۽ اهڙا ماڻهو جي طرح طرح جي ڪم ۾ هنرمند آهن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 22:15
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صور جي بادشاهہ حيرام دائود ڏانهن قاصد موڪليا، جن سان گڏ ديال جو ڪاٺ، واڍا ۽ رازا بہ موڪليائين. انهن دائود جي لاءِ هڪڙو محل جوڙيو.


هو نفتالي قبيلي جي هڪ رن‌زال جو پٽ هو ۽ هن جو پيءُ صور شهر جو رهاڪو هو ۽ اهو بہ پتل جي ڪم جو ڪاريگر هو. حورام پتل جي هر قسم جي ڪم ۾ تمام ماهر ۽ تجربيڪار هو. هو سليمان وٽ آيو ۽ جيڪو بہ ڪم کيس ڏنو ٿي ويو سو پورو ٿي ڪيائين.


ڏس، مون ڏاڍي ڪوشش سان خداوند جي گھر لاءِ ساڍا ٽي هزار ٽن سون ۽ چوٽيهہ هزار پنج سؤ ٽن چاندي گڏ ڪئي آهي. انهيءَ کان سواءِ بي‌انداز لوهہ ۽ پتل بہ گڏ ڪيو اٿم ۽ ڪاٺ ۽ پٿر بہ تيار ڪيو اٿم، مگر تون انهن کي اڃا بہ وڌاءِ.


يعني سون، چانديءَ، پتل ۽ لوهہ جي ڪم ۾. سو هاڻ ڪم شروع ڪر، خداوند شل هميشہ تو سان گڏ هجي!“


پر ڪنهن کي طاقت آهي جو ان لاءِ گھر تعمير ڪرائي سگھي؟ جڏهن تہ آسمان ۾ بلڪ عرش عظيم ۾ بہ هو سمائجي نہ ٿو سگھي، تہ پوءِ آءٌ ڪير آهيان جو سندس حضور ۾ قربانيون پيش ڪرڻ جي خيال کان علاوہ هن لاءِ گھر بہ ٺاهي سگھان؟


سو تون هڪڙو اهڙو ماڻهو مون وٽ موڪل جيڪو هر قسم جو اُڪر جو ڪم ڄاڻندو هجي ۽ سون، چانديءَ، پتل ۽ لوهہ جي ڪم ۾ ۽ واڱڻائي، لال ڳاڙهي ۽ نيري رنگ جي ڪپڙي جي ڪم ۾ بہ ماهر هجي. هو يروشلم شهر بلڪ سڄي يهوداہ جي انهن ڪاريگرن سان گڏجي ڪم ڪندو جيڪي منهنجي پيءُ دائود جا مقرر ڪيل آهن.


هو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن، سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ سون سان مذهبي فراڪ ٺاهين، جنهن تي ڪاريگريءَ سان ڪم ٿيل هجي.


انهيءَ لاءِ تہ هو ڪاريگريءَ جا ڪم رٿي ۽ سون، چانديءَ ۽ پتل جون شيون ٺاهي،


هن ٻنهي جي دلين ۾ دانائي ڀري ڇڏي آهي تہ جيئن هو ٻئي هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪن، يعني اُڪر واري جو، ماهر نقاش جو، ڀرت جو ڪم ڪندڙ جو، جيڪو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن جو ۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي تي ڀرت جو ڪم ڪري ٿو ۽ ڪپڙن اُڻڻ واري جو. مطلب تہ اهي هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪري نيون شيون رٿي تيار ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ