Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 22:14 - Muslim Sindhi Bible

14 ڏس، مون ڏاڍي ڪوشش سان خداوند جي گھر لاءِ ساڍا ٽي هزار ٽن سون ۽ چوٽيهہ هزار پنج سؤ ٽن چاندي گڏ ڪئي آهي. انهيءَ کان سواءِ بي‌انداز لوهہ ۽ پتل بہ گڏ ڪيو اٿم ۽ ڪاٺ ۽ پٿر بہ تيار ڪيو اٿم، مگر تون انهن کي اڃا بہ وڌاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 هاڻي ڏس، تہ مون ڏاڍي مشقت سان خداوند جي گهر لاءِ هڪ لک قنطار سون جا، ۽ ڏهہ لک قنطار چانديءَ جا، ۽ بي انداز پتل ۽ لوهہ تيار ڪيو آهي؛ جو ججهو آهي؛ ڪاٺ ۽ پٿر بہ مون تيار ڪيو آهي؛ ۽ تون انهيءَ کي وڌائي سگهين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 22:14
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو سون سال بسال بادشاهہ سليمان کي ملندو هو سو تور ۾ اٽڪل ٽيويهہ هزار ڪلوگرام ٿيندو هو.


سليمان بادشاهہ انهن سڀني شين جي تور نہ ڪرائي، ڇاڪاڻ تہ اهي تمام گھڻيون هيون. سو انهن جي پتل جي وزن جي پوري خبر پئجي نہ سگھي.


هو ٻئي ٿنڀا، وڏو حوض ۽ ريڙهيون بہ کڻي ويو، جيڪي سليمان خداوند جي گھر لاءِ ٺهرايون هيون. انهن سڀني جو پتل تورڻ کان ٻاهر هو.


تو وٽ گھڻا ئي ڪاريگر سنگتراش، پٿر ۽ ڪاٺ تي اُڪر جو ڪم ڪندڙ ۽ اهڙا ماڻهو پڻ آهن جيڪي طرح طرح جي ڪمن ۾ ماهر آهن،


دائود درن جي طاقن ۽ جوڙن جي ڪلين لاءِ تمام گھڻو لوهہ ۽ بي‌انداز پتل پڻ ڏنو.


سو مون پنهنجي وس آهر پنهنجي خدا جي لاءِ سون جي شين واسطي سون، چانديءَ جي شين واسطي چاندي، پتل جي شين لاءِ پتل، لوهہ جي شين لاءِ لوهہ، ڪاٺ جي شين لاءِ ڪاٺ، سليماني پٿر، جڙاوت لاءِ قيمتي پٿر، شب‌چراغ، هيرا ۽ هر قسم جا رنگين پٿر ۽ گھڻي مقدار ۾ اڇو سنگ‌مرمر مهيا ڪري رکيو آهي.


پتل جا ٻئي ٿنڀا، وڏو حوض، ٻارهن پتل جا ڍڳا، جيڪي حوض جي هيٺان هئا ۽ ريڙهيون، اهي سڀ سليمان بادشاهہ خداوند جي گھر لاءِ پتل مان ٺهرايا هئا ۽ انهن جو پتل تورڻ کان ٻاهر هو.


ٻارهن چانديءَ جا ٿالهہ هر هڪ جي تور هڪ ڪلوگرام ۽ ٽي سؤ گرام، ٻارهن چانديءَ جا پيالا هر هڪ جي تور ست سؤ گرام. انهن سڀني جي تور عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق جملي چوويهہ ڪلوگرام هئي.


اهو هن ڳالهہ مان ظاهر ٿيو جو مصيبت جي وڏي آزمائش ۾ انهن جي وڏي خوشيءَ ۽ بيحد غريبيءَ انهن ۾ امداد ڏيڻ جي سخاوت کي حد کان گھڻو وڌائي ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ