Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 22:13 - Muslim Sindhi Bible

13 جيڪڏهن تون انهن قاعدن قانونن تي وڏي خبرداريءَ سان هلندين، جيڪي خداوند موسيٰ جي معرفت بني اسرائيل کي ڏنا هئا، تہ پوءِ تون ڪامياب ٿي ويندين. سو مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، نڪي ڊڄ ۽ نہ ئي وري همت هار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 جي تون انهن قانونن ۽ فيصلن جي سنڀال ڪندين جن سان خداوند موسيٰ جي معرفت اسرائيل جي هدايت ڪئي، تہ تون ڪامياب ٿيندين: مضبوط ٿيءُ ۽ چڱي همت جهل، ڊڄ نہ، نڪي هراس ۾ پئُہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 22:13
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”منهنجا ڏينهن اچي پورا ٿيا آهن، سو تون مضبوط ۽ مڙس ماڻهو ٿيءُ.


خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن جو خيال ڪجانءِ. انهيءَ جي واٽ تي هلجانءِ. سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪجانءِ، جيڪي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهن، انهيءَ لاءِ تہ جيئن جيڪي بہ تون ڪرين ۽ جيڏانهن بہ تون وڃين، ڪاميابي حاصل ڪرين.


سو هاڻ سوچ ڪر، خدواند تو کي چونڊيو آهي تہ تون سندس پاڪ گھر لاءِ هيڪل تعمير ڪرين. سو همت ٻڌي ڪم شروع ڪر.“


دائود پنهنجي پٽ سليمان کي هي بہ چيو تہ ”مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ ۽ اهو ڪم شروع ڪر. نڪي ڊڄ نڪي بي‌همت ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ خداوند خدا، منهنجو خدا، تو سان گڏ آهي. هو نہ تو کي وساريندو ۽ نہ وري تو کي ڇڏي ڏيندو، جيستائين خداوند جي هيڪل جي تعمير جو سمورو ڪم پورو نہ ٿي وڃي.


جيڪڏهن هو منهنجي حڪمن ۽ قانونن تي عمل ڪندو رهندو، جيئن هاڻ ڪري ٿو تہ آءٌ سندس بادشاهي هميشہ لاءِ قائم رکندس.‘


هن يهوداہ جي ڪيترن ئي شهرن جا قلعا تعمير ڪرايا ۽ گھڻي عرصي تائين ساڻس ڪنهن جو بہ جنگ جھيڙو ڪونہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند کيس سلامتي بخشي هئي.


ٻئي ڏينهن هو صبح جو سوير اٿيا ۽ تقوع جي بيابان ڏانهن روانا ٿيا. سندن رواني ٿيڻ وقت يهوسفط اُٿي بيهي کين چيو تہ ”اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا رهاڪؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهان جو ايمان خداوند پنهنجي خدا تي قائم رهي تہ اوهين بہ قائم رهندا. اوهين سندس نبين جي چوڻ تي يقين ڪندا تہ ڪامياب ٿيندا.“


زڪرياہ هن کي خداترسيءَ جي تعليم ڏيندو هو ۽ جيستائين زڪرياہ جيئرو هو تيستائين عُزياہ خدا جي طلب ۾ مشغول رهيو ۽ خدا کيس ڪاميابيون ڏنيون.


”اوهين مضبوط ۽ همت وارا ٿيو، اشور جي شهنشاهہ کان يا سندس هيڏي ساري لشڪر کان نہ ڊڄو ۽ نہ گھٻرايو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي هنن سان آهن تن کان وڌيڪ طاقتور اسان سان گڏ آهي.


اهي انهيءَ وڻ مثل آهن جيڪو نهر جي ڪپ تي لڳل هجي، جيڪو پنهنجي وقت تي ميوو ڏئي ٿو، ۽ جنهن جو پن بہ نہ ٿو ڪومائجي. بيشڪ هو جيڪي بہ ڪن ٿا تنهن ۾ ڪامياب ٿيندا.


پوءِ جڏهن آءٌ تنهنجي حڪمن تي ڌيان سان عمل ڪندس، تڏهن آءٌ ڪڏهن بہ شرمندو ڪين ٿيندس.


اي خدا! بادشاهہ کي پنهنجو انصاف عطا ڪر، هائو، انهيءَ کي تون پنهنجي سچائي عطا ڪر.


مگر اي زربابل! اي سردار ڪاهن يشوع! ۽ اي ملڪ جا سڀ رهاڪؤ! آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اوهين دلجاءِ ڪري ڪم ڪندا رهو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ قادرِمطلق اوهان سان گڏ آهيان.


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! دلجاءِ ڪريو ۽ همت نہ هاريو. هن وقت اوهين اهو ساڳيو ئي فرمان ٻڌو ٿا، جيڪو نبين انهن ڏينهن ۾ ٻڌايو هو جڏهن نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ منهنجي هيڪل جو بنياد وڌو ٿي ويو.


تنهن تي عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”في‌الحال تہ منهنجي مڃ، ڇاڪاڻ تہ اهڙيءَ طرح اسين خدا جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يحيٰ کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪيو.


پوءِ خدا هن کي هٽائي دائود کي انهن جو بادشاهہ مقرر ڪيو. خدا هن بابت هيئن چيو تہ ’مون يسيءَ جي پٽ دائود کي ڳولي ورتو آهي، جيڪو منهنجي دلي خواهش موجب آهي. هو هميشہ منهنجي مرضيءَ تي هلندو.‘


سجاڳ رهو، ايمان تي قائم رهو، همت ڌاريو، مضبوط رهو


اوهين هڪٻئي جا بار کڻو، اهڙيءَ طرح اوهين مسيح جي شريعت کي پورو ڪندا.


انهيءَ کان علاوہ اوهين سڀ خداوند عيسيٰ ۾ سندس قدرت سان ڀرپور ٿي طاقتور ٿيو.


هاڻ اي منهنجا پٽ! جيڪو فضل تو کي عيسيٰ مسيح ۾ عطا ٿيو آهي، تنهن سان پختو ٿيءُ.


پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ سو جيڪڏهن اوهين خدا جي انهيءَ شاهي حڪم تي عمل ڪندي پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان پيار ڪريو ٿا، تہ پوءِ چڱو ٿا ڪريو.


جيڪو توهان جي حڪم جي خلاف بغاوت ڪندو يا توهان جي ڪنهن بہ حڪم کي نہ مڃيندو سو ماريو ويندو. توهين رڳو مضبوط ۽ همت وارا ٿيو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ