1.تواريخ 22:1 - Muslim Sindhi Bible1 سو دائود چيو تہ ”هتي اَن ڳاهڻ واري پِڙ وٽ ئي خداوند جي هيڪل ٺاهي ويندي ۽ اڳتي هيءَ ئي بني اسرائيل لاءِ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪرڻ جي قربانگاهہ ٿيندي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible1 تڏهن دائود چيو تہ هيءُ خداوند جو گهر آهي ۽ هيءَ ئي اسرائيل جي سوختني قرباني چاڙهڻ لاءِ قربانگاهہ آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
عملدار اعليٰ وڌيڪ انهن ماڻهن کي چيو تہ ”پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ ’اسان جو ڀروسو خداوند پنهنجي خدا تي آهي،‘ تہ پوءِ هو اهو ساڳيو معبود نہ آهي ڇا جنهن جون عبادتگاهون ۽ قربانگاهون حزقياہ ختم ڪرائي ڇڏيون؟ بلڪ هن يروشلم وارن توڙي سڄي يهوداہ وارن کي چيو تہ ’اوهين رڳو يروشلم واري قربانگاهہ تي قربانيون چاڙهيو.‘
پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.