Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 21:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ دائود خدا کي چيو تہ ”اهو ڪم ڪري مون وڏو گناهہ ڪيو آهي. هاڻي آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي هن ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر. مون ڏاڍي بي‌عقلي ڪئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ دائود خدا کي چيو، تہ هي ڪم جو مون ڪيو تنهن ۾ مون وڏو گناهہ ڪيو آهي: پر هاڻي، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر؛ ڇالاءِ جو مون ڏاڍو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 21:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن ئي يعقوب جا پٽ جھنگ مان موٽيا ۽ اها ڳالهہ ٻڌائون تڏهن تمام رنج ٿيا ۽ ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويا. انهيءَ جو سبب هي هو تہ سڪم يعقوب جي ڌيءَ جي عزت لُٽي اسرائيل جي گھراڻي جي خواريءَ جو ڪم ڪيو هو، جيڪو ڪرڻ نہ گھربو هئس.


تڏهن دائود ناتن کي چيو تہ ”بيشڪ مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.“ ناتن دائود کي چيو تہ ”پوءِ خداوند بہ تنهنجو گناهہ معاف ڪري ڇڏيو، سو تون مرندين ڪين.


ائين پوءِ آءٌ پنهنجي خواري کڻي ڪيڏانهن وينديس؟ تون پڻ بني اسرائيل ۾ بدڪار احمقن مان هڪڙو شمار ڪيو ويندين. تنهنڪري هاڻي آءٌ تو کي منٿ ٿي ڪريان تہ انهيءَ بابت بادشاهہ کي چئُہ، ڇاڪاڻ تہ هو مون کي تو سان پرڻجڻ کان ڪين روڪي رکندو.“


پر ماڻهن جي شمار ڪرڻ کان پوءِ دائود جي دل بي‌چين ٿيڻ لڳي. سو هن خداوند کي چيو تہ ”جيڪي مون ڪيو آهي، سو هڪڙو وڏو گناهہ ڪيو اٿم. پر هاڻي اي خداوند! آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر، ڇاڪاڻ تہ مون هي ڏاڍو بي‌عقليءَ وارو ڪم ڪيو آهي.“


انهيءَ حڪم مان خدا بہ خوش نہ هو، تنهنڪري خدا بني اسرائيل کي سزا ڏني.


هن کانئن پڇيو تہ ”اوهان جي ڪهڙي صلاح آهي؟ هنن ماڻهن کي ڪهڙي ورندي ڏيڻ گھرجي، جيڪي چون ٿا تہ ’جيڪا پاڃاري تنهنجي پيءُ اسان تي رکي آهي سا تون هلڪي ڪر.‘“


اي خداوند! منهنجي بدڪاري تمام وڏي آهي، سو پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب تون اها معاف ڪر.


تڏهن مون سوچيو تہ ”آءٌ خداوند آڏو پنهنجي سڀني گناهن جو اقرار ڪندس.“ پوءِ مون تو وٽ پنهنجا گناهہ باسيا، ۽ تو کان پنهنجي ڪا بڇڙائي ڪين لڪايم. تڏهن تو منهنجي هر بڇڙائي مون کي معاف ڪري ڇڏي.


اوهين رڳو پنهنجو گناهہ باسيو تہ اوهان منهنجي خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڌارين معبودن ڏانهن رجوع ڪيو اٿوَ ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪانہ ڪئي اٿوَ.


هائو، اوهين خداوند آڏو توبهہ ڪندي کيس هيئن چئو تہ ”اي خداوند! اسان جون سڀ خطائون معاف ڪر، ۽ اڳتي هلي اسين جيڪي نيڪيون ڪريون سي تون قبول ڪر. هاڻ اسين رڳو تنهنجي ئي واکاڻ ڪنداسون.


ٻئي ڏينهن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي خدا جو گھيٽڙو آهي، جيڪو دنيا جا گناهہ کڻي وڃي ٿو.


پر جيڪڏهن اسين پنهنجا گناهہ باسينداسين تہ خدا اسان جا گناهہ معاف ڪرڻ ۽ اسان کي سڄي بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪرڻ وارو پنهنجو واعدو پاڙيندو، ڇاڪاڻ تہ هو سچو ۽ وفا ڪرڻ وارو آهي.


سموئيل سائول کي چيو تہ ”تو بي‌وقوفيءَ وارو ڪم ڪيو آهي. جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل حڪم تي پوريءَ طرح عمل ڪرين ها تہ اڄ خداوند تنهنجي بادشاهي بني اسرائيل تي هميشہ جي لاءِ قائم ڪري ڇڏي ها.


تڏهن سائول وراڻيو تہ ”مون گناهہ ڪيو آهي. اي منهنجا پٽ دائود! موٽي اچ. آءٌ تو کي اڳتي ڪڏهن بہ ڪو نقصان نہ پهچائيندس، ڇو تہ اڄوڪي ڏينهن تو منهنجي حياتيءَ کي قيمتي سمجھي مون کي جيئدان ڏنو آهي. بيشڪ مون بي‌وقوفيءَ جو ڪم ڪيو آهي ۽ ڏاڍي غلطي ڪئي اٿم.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ