Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 21:3 - Muslim Sindhi Bible

3 پر يوآب کيس وراڻيو تہ ”شل خداوند تنهنجي لشڪر کي سؤڻو وڌائي. اي منهنجا آقا بادشاهہ! ڇا اهي سڀ اوهان جا ٻانها ناهن؟ منهنجو آقا بادشاهہ ائين ڇو ٿو ڪرڻ گھري؟ هو بني اسرائيل کي گناهہ منجھہ ڇو ٿو وجھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ يوآب چيو تہ خداوند پنهنجيءَ قوم کي سؤ ڀيرا زيادہ وڌائي: پر اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، اهي سڀ منهنجي ڌڻيءَ جا ٻانها نہ آهن ڇا؟ منهنجو ڌڻي بادشاهہ اها ڳالهہ ڪرڻ ڇو ٿو گهُري؟ هو اسرائيل جي لاءِ گناهہ جو سبب ڇو ٿو ٿئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 21:3
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ابيملڪ ابراهيم کي سڏايو ۽ پڇيائينس تہ ”تو هي اسان سان ڇا ڪيو آهي؟ مون تنهنجو ڪهڙو قصور ڪيو آهي جو تو مون تي ۽ منهنجي بادشاهت تي ايڏو وڏو ڏوهہ آندو آهي؟ تو جيڪي ڪجھہ مون سان ڪيو آهي، ائين جيڪر ڪوبہ نہ ڪري.“


جيڪي گناهہ يربعام پاڻ ڪيا آهن ۽ اسرائيل وارن کان ڪرايا آهن، تن جي ڪري خداوند اسرائيل وارن کي ضرور سزا ڏيندو.“


سو بادشاهہ يوآس يهويدع ڪاهن ۽ ٻين ڪاهنن کي سڏائي کين چيو تہ ”اوهين خداوند جي گھر جي مرمت ڇو نہ ٿا ڪرايو؟ اڳتي اوهان کي جيڪي پئسا ملن سي پاڻ وٽ نہ رکو، بلڪ هيڪل جي مرمت لاءِ مقرر ڪيل ماڻهن کي ڏيئي ڇڏيندا ڪريو.“


همت ٻڌُ تہ اسين پنهنجيءَ قوم لاءِ ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادريءَ سان وڙهون. خداوند اهو ئي ڪجھہ ڪندو جيڪي سندس نظر ۾ چڱو هوندو.“


انهيءَ هوندي بہ بادشاهہ پنهنجي ڳالهہ تان نہ لٿو. سو يوآب روانو ٿيو ۽ اسرائيل جي سڄي ملڪ جو دورو ڪيائين ۽ پوءِ موٽي يروشلم ۾ آيو.


سو هر ڪو هڪٻئي کي هيئن دعا ڪري تہ ”خداوند شال اوهان کي گھڻو وڌائي! هائو، شال خداوند اوهان کي ۽ اوهان جي اولاد کي بہ وڌائي!


”جڏهن تون بني اسرائيل جو تعداد ڄاڻڻ لاءِ سندن شمار ڪرين، تڏهن انهن مان هر ڪو مرد شمار وقت مون خداوند جي لاءِ پنهنجيءَ جان جو صدقو ڏئي، انهيءَ لاءِ تہ شمار ڪرڻ کان پوءِ منجھن ڪا وبا نہ پوي.


موسيٰ هارون کي چيو تہ ”هنن ماڻهن تو سان ڇا ڪيو هو جو تو هنن کي اهڙي وڏي گناهہ ۾ ڦاسائي ڇڏيو؟“


عوام جي گھڻائي ئي بادشاهہ جو شان آهي، باقي بنا عوام جي بادشاهہ جو ڪهڙو شان؟


پر اي خداوند! تو پنهنجي قوم کي وڌايو آهي. هائو، تو اسان کي ۽ اسان جي ملڪ کي اڳي کان گھڻو وڌايو آهي، جنهن مان تنهنجي عظمت ظاهر ٿئي ٿي.


تڏهن اوهان جو اولاد واريءَ وانگر لاتعداد هجي ها، هائو، سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن وانگر. آءٌ يقين سان چوان ٿو تہ اهي مون آڏو ڪڏهن بہ تباهہ وَ برباد نہ ٿين ها.“


شل خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي انهيءَ کان بہ هزار ڀيرا وڌائي ۽ جيئن هن اوهان سان واعدو ڪيو آهي تيئن اوهان کي برڪت ڏئي.


هو جِلعاد جي ملڪ ۾ بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وٽ آيا.


نہ اي منهنجا فرزندؤ! جيڪي اوهان جي گناهن جون خبرون آءٌ سڀني ماڻهن جي واتان ٻڌان پيو سي چڱيون ناهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ