پر ملائڪ جڏهن يروشلم جي تباهيءَ لاءِ ان ڏانهن پنهنجو هٿ ڊگھيريو، تڏهن خداوند کي انهن جي مصيبت تي ترس اچي ويو. سو جنهن ملائڪ ماڻهن کي ماريو پئي تنهن کي چيائين تہ ”بس، هاڻي پنهنجو هٿ جھل.“ ان وقت خداوند جو ملائڪ اُروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ وٽ بيٺو هو.
ٽي سال ڏڪار، يا ٽي مهينا تنهنجا دشمن تلوار کنيون توهان کي ڀڄائيندا وتن، يا ٽي ڏينهن خداوند جي تلوار يعني وبا اوهان جي ملڪ ۾ پوي ۽ خداوند جو ملائڪ بني اسرائيل جي سڄي ملڪ ۾ تباهي مچائي. هاڻي ويچار ڪري ٻڌاءِ تہ جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن کي وڃي ڪهڙو جواب ڏيان.“