Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 21:26 - Muslim Sindhi Bible

26 پوءِ دائود اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙائي ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائون. هن خداوند کان دعا گھري ۽ خداوند آسمان مان باهہ موڪلي کيس ورندي ڏني، جنهن اچي قربان‌گاهہ تي پيش ڪيل قربانيون ساڙي ڇڏيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 پوءِ اُتي دائود خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي، ۽ سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهي خداوند کان دعا گهريائين؛ ۽ هن کيس آسمان مان سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ تي باهہ موڪلي جواب ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 21:26
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اهي پنهنجي معبود جو نالو وٺي انهيءَ کي سڏين ۽ آءٌ پنهنجي معبود خداوند جو نالو وٺي انهيءَ کي سڏيندس. پوءِ جنهن جي معبود باهہ لڳائي ورندي ڏني، سو ئي حقيقي معبود آهي.“ تڏهن سڀني ماڻهن چيو تہ ”تون جيڪي چوين ٿو سو ٺيڪ آهي.“


تڏهن خداوند باهہ موڪلي ۽ ساڙڻ واري قربانيءَ جي جانور، ڪاٺين ۽ پٿرن کي ساڙي ڇڏيائين، زمين کي لهس پهچايائين ۽ کڏ ۾ جيڪو پاڻي هو سو بہ سڪي ويو.


سو جڏهن خداوند ملائڪ کي حڪم ڏنو تڏهن هن پنهنجي تلوار موٽائي مياڻ ۾ وجھي ڇڏي.


پوءِ سليمان يروشلم ۾ مورياہ جبل تي هيڪل جي تعمير شروع ڪرائي، جتي خداوند هن جي پيءُ دائود کي ڏيکاري ڏني هئي. اها جاءِ اُروناہ يبوسيءَ جي ڳاهہ ڳاهڻ جي پِڙ واري جاءِ هئي، جيڪا دائود انهيءَ ڪم لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي.


جڏهن بادشاهہ سليمان اها دعا گھري بس ڪئي، تڏهن آسمان مان باهہ نازل ٿي ۽ قربان‌گاهہ تي پيش ڪيل ساڙڻ واري قرباني ۽ ٻين قربانين کي ساڙي رک ڪري ڇڏيائين ۽ هيڪل خداوند جي جلوي سان ڀرجي ويئي.


اي منهنجا ڌڻي! تون منهنجي چپن کي کول، تہ منهنجي زبان سدائين تنهنجي واکاڻ ڪري.


جڏهن هو مون کي پڪاريندا تہ آءٌ هنن جي ٻڌندس. آءٌ سندن مصيبت ۾ ساڻي ٿيندس، آءٌ کين ڇڏائيندس ۽ عزت بخشيندس.


اوهين خداوند اسان جي خدا جي ساراهہ ڪريو، ۽ سندس پاڪ جبل تي سجدو ڪريو. بيشڪ خداوند اسان جو خدا ئي پاڪ آهي.


سچارن جي دعا گھرڻ تي خداوند خوش ٿو ٿئي، مگر بدڪارن جي قربانين کان بہ هن کي نفرت آهي.


اهي اڃا مون کان دعا گھري بس ئي نہ ڪندا، تہ آءٌ کين سندن دعائن جو جواب ڏيندس.


”مون کي پڪاريو تہ آءٌ اوهان کي جواب ڏيان ۽ وڏيون ۽ ڳجھيون ڳالهيون ٻڌايان، جن جي اوهان کي خبر ئي ناهي.


ڏسندي ئي ڏسندي خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربان‌گاهہ تي جيڪا ساڙڻ واري قرباني ۽ چرٻي رکي هئي تنهن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيائين. جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو تڏهن حيرت وچان رڙيون ڪندي سجدي ۾ ڪري پيا.


جڏهن وبا بند ٿي ويئي تڏهن هارون خدا سان ملاقات واري خيمي ڏانهن موسيٰ وٽ موٽي آيو.


جڏهن قربان‌گاهہ مان شعلو آسمان ڏانهن چڙهيو، تڏهن خداوند جو ملائڪ بہ انهيءَ شعلي ۾ مٿي چڙهي ويو. اهو ڏسندي منوحہ ۽ سندس زال سجدي ۾ ڪري پيا.


تڏهن خداوند جي ملائڪ انهيءَ لٺ جي چهنب سان جيڪا سندس هٿ ۾ هئي، گوشت ۽ بي‌خميري مانين کي ڇهيو. تڏهن ٽڪر مان باهہ ڀڙڪو کائي نڪتي ۽ انهيءَ گوشت ۽ بي‌خميري مانين کي ساڙي ڇڏيائين. پوءِ خداوند جو ملائڪ غائب ٿي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ