Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 21:17 - Muslim Sindhi Bible

17 دائود دعا گھري تہ ”اي خدا! جنگي جوانن کي شمار ڪرڻ جو مون ئي حڪم ڏنو هو. مون ئي گناهہ ڪيو آهي ۽ غلطي ڪئي اٿم. هنن ويچارن ڪهڙو قصور ڪيو آهي؟ سو اي خداوند منهنجا خدا! مون کي ۽ منهنجي گھراڻي کي ڀلي سزا ڏي، پر هنن ماڻهن کي وبا سان نہ مار.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ دائود خداوند کي چيو، تہ ائين نہ آهي ڇا تہ مون حڪم ڏنو تہ ماڻهن جو شمار ڪيو وڃي؟ يعني فقط مون ئي گناهہ ڪيو آهي ۽ ڏاڍي ڏنگي هلت هليو آهيان؛ پر هنن رڍن ڇا ڪيو آهي؟ آءٌ عرض ٿو ڪريان، تہ اي خداوند منهنجا خدا، تنهنجو هٿ منهنجي ۽ منهنجي پيءُ جي گهراڻي جي برخلاف هجي ۽ نہ هن قوم جي برخلاف تہ هو وبا ۾ مرن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 21:17
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هاڻي منهنجو عرض آهي تہ آءٌ اوهان جو ٻانهو هن ڇوڪر جي عيوض پنهنجي آقا جو غلام ٿي رهان ۽ ڇوڪر پنهنجي ڀائرن سان موٽي وڃي.


تنهنڪري، هاڻي تنهنجي گھراڻي تان تلوار اصل ڪانہ ٽرندي، ڇاڪاڻ تہ تو مون کي خسيس ڄاتو آهي جو تو اورياہ حتيءَ جي زال کي پنهنجي زال بڻايو آهي.


جڏهن تہ خداوند بني اسرائيل تي وري بہ ڏاڍو ڪاوڙيو. سو هن دائود کي انهن جي خلاف اڀاريو ۽ چيائينس تہ ”وڃي بني يهوداہ ۽ ٻين بني اسرائيل وارن جو شمار ڪر.“


ان دوران دائود جڏهن ماڻهن کي مارڻ واري ملائڪ کي ڏٺو، تڏهن خداوند کي چيائين تہ ”ڏس، مون ئي گناهہ ڪيو آهي ۽ آءٌ ئي ڏنگي هلت هليو آهيان، پر هنن مسڪينن جو ڪهڙو قصور آهي؟ سو آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تنهنجو هٿ منهنجي ۽ منهنجي پيءُ جي گھراڻي جي ئي خلاف ٿئي.“


تنهنڪري اي ناتن! هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي مون قادرِمطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون تو کي رڍن پٺيان هلندڙ ريڍار مان ڦيرائي پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان حاڪم مقرر ڪيو آهي.


تڏهن ميڪاياہ وراڻيو تہ ”مون اسرائيل وارن کي جبلن جي مٿان ائين پکڙيل ڏٺو جيئن ڌنار کان سواءِ رڍون هونديون آهن. خداوند فرمايو تہ ’هنن جو ڪوبہ ڌڻي سائين ڪونهي، سو چڱائي انهيءَ ۾ اٿن جو هو پنهنجي پنهنجي گھر سلامتيءَ سان موٽي وڃن.‘“


پوءِ دائود خدا کي چيو تہ ”اهو ڪم ڪري مون وڏو گناهہ ڪيو آهي. هاڻي آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي هن ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر. مون ڏاڍي بي‌عقلي ڪئي آهي.“


تو اسان کي ڪُسڻ وارين رڍن وانگر بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ قومن منجھہ اسان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو اٿيئي.


اي خدا! اي منهنجا نجات ڏيندڙ! مون کي خون واري ڏوهہ کان ڇڏاءِ. پوءِ منهنجي زبان تنهنجي ان سچائيءَ جا گيت ڳائيندي.


مون رڳو تنهنجو ئي گناهہ ڪيو آهي، مون اهڙو ڪم ڪيو آهي جيڪو تنهنجي نظر ۾ برو آهي. سو تون مون تي فتويٰ ڏيڻ ۾ سچار ثابت ٿيندين، ۽ جڏهن تون عدالت ڪندين تہ تو تي ڪو الزام نہ ايندو.


اي خدا! تو هميشہ جي لاءِ اسان کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ اسين جيڪي تنهنجي چراگاهہ جون رڍون آهيون، تن تي تنهنجو ناراضپو ڇو آهي؟


اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان.


آءٌ تنهنجيون ڪيل سڀيئي بدڪاريون معاف ڪري ڇڏيندس. پر تون اهي ياد ڪري پشيمان ٿيندينءَ ۽ شرم وچان وري اڳتي هڪ لفظ بہ نہ ڪڇندينءَ. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


يونس کين چيو تہ ”مون کي کڻي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪريو تہ سمنڊ اوهان لاءِ ماٺو ٿي ويندو، ڇاڪاڻ تہ مون کي يقين آهي تہ منهنجي ئي ڪري هي وڏو طوفان اوهان تي آيو آهي.“


توهين ڇو هاڻ خداوند کان منهن موڙي رهيا آهيو؟ جيڪڏهن اوهين اڄ خداوند کان باغي ٿيندا، تہ سڀاڻي هو بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم تي ڪاوڙبو.


اسان پيار کي انهيءَ مان ڄاتو آهي تہ مسيح اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني. سو اسان جو بہ فرض آهي تہ اسين پنهنجن هم‌ايمان ڀائرن ڀينرن لاءِ جان ڏيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ