1.تواريخ 21:13 - Muslim Sindhi Bible13 دائود جاد کي چيو تہ ”آءٌ ڏاڍي مشڪلات ۾ آهيان. آءٌ ماڻهن جي هٿان سزا نہ ٿو چاهيان، ڀلي تہ خداوند مون کي سزا ڏئي، ڇو تہ هن جي رحمت تمام وسيع آهي.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible13 ۽ دائود جاد کي چيو تہ آءٌ ڏاڍيءَ مشڪلات ۾ آهيان: هاڻي ائين ٿئي تہ خداوند جي هٿ ۾ وڃي پوان؛ ڇالاءِ جو هن جون رحمتون ڏاڍيون وڏيون آهن: ۽ آءٌ شل انسان جي هٿ ۾ نہ پوان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سامريہ شهر ۾ ئي عودد نالي خداوند جو هڪڙو نبي رهندو هو، جيڪو ٻاهر نڪري وڃي سامريہ ڏانهن موٽندڙ لشڪر سان مليو. هن کين چيو تہ ”جيئن تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا يهوداہ تي ڪاوڙيل هو، تنهنڪري هن انهن کي اوهان جي هٿن ۾ ڏنو آهي. پر اوهان جنهن بيدرديءَ سان کين ڪٺو آهي، تنهن جي دانهن عرش عظيم تائين وڃي پهتي آهي.
”شهنشاهہ جا سڀيئي عملدار ۽ شاهي صوبن جا سڀيئي ماڻهو چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا تہ ڪوبہ مرد يا ڪابہ عورت، جيڪڏهن بنا گھرائڻ جي شهنشاهہ جي درٻارِخاص ۾ لنگھي ايندو تہ انهيءَ جي لاءِ رڳو هڪڙو ئي قانون آهي تہ کيس قتل ڪيو وڃي. سواءِ ان جي جنهن ڏانهن پاڻ شهنشاهہ پنهنجي سوني شاهي لٺ ڊگھيري تہ انهيءَ کي جيئدان ملي. پر مهينو ٿيندو جو شهنشاهہ مون کي پاڻ وٽ ڪين گھرايو آهي سو آءٌ وٽس ڪيئن وڃان؟“
”وڃ، سوسن شهر ۾ هن وقت جيڪي بہ يهودي آهن تن سڀني کي گڏ ڪري کين تاڪيد ڪر تہ اهي ٽن ڏينهن تائين منهنجي لاءِ روزو رکن، رات جو توڙي ڏينهن جو هو نڪي کائين نڪي پيئن. آءٌ ۽ منهنجيون ٻانهيون بہ ائين ئي روزو رکنديونسين. پوءِ آءٌ شهنشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قانون جي خلاف آهي، پوءِ جي منهنجي جان وڃي تہ ڀلي وڃي.“