Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 20:5 - Muslim Sindhi Bible

5 فلستين سان هڪڙي ٻي جنگ ۾ الحنان ولد يعور هڪڙي ماڻهوءَ کي قتل ڪيو جنهن جو نالو لحمي هو، جيڪو جوليت جاتيءَ جو ڀاءُ هو ۽ هن جو نيزو ڪوريءَ جي آڏاڻي واري لٺ جهڙو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ وري بہ فلستين سان جنگ لڳي: ۽ الحنان بن يعور، لحميءَ کي قتل ڪيو جو جوليت جاتيءَ جو ڀاءُ هو، جنهن جي نيزي جو ٿر ڪوريءَ جي شهتير جهڙو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 20:5
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جُوب ۾ وري بہ فلستين سان هڪ ٻي جنگ لڳي، جنهن ۾ بيت‌لحم شهر واري الحنان ولد يعريءَ جات شهر واري جوليت نالي فلستيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جو نيزو ڪوريءَ جي آڏاڻي جي لٺ جهڙو هو.


هن هڪڙو مصري شخص پڻ ماري وڌو جيڪو ٻن ميٽرن کان وڌيڪ ڊگھو هو. جيتوڻيڪ ان مصريءَ جي هٿ ۾ ڪوريءَ جي لٺ جهڙو هڪڙو نيزو هو، تڏهن بہ بناياہ هڪڙي لٺ کڻي مٿس حملو ڪيو ۽ سندس هٿ مان نيزو کسي سندس ئي نيزي سان ماري وڌائينس.


ان کان پوءِ وري جات شهر ۾ جنگ لڳي، جتي هڪڙو وڏي قد وارو ماڻهو بہ هو، جنهن جي هٿن ۽ پيرن ۾ ڇهہ ڇهہ آڱريون هيون. کيس جملي چوويهہ آڱريون هيون ۽ هو بہ راڪاس جهڙن طاقتور فلستي جوانن مان هو.


تڏهن فلستين جي لشڪر مان جات شهر جو رهندڙ هڪڙو چونڊ پهلوان نڪتو، جنهن جو نالو جالوت هو. سندس قد نون فوٽن کان بہ وڌيڪ هو.


سندس نيزي جي ڏانگ، ڪوريءَ جي آڏاڻي مٿان جيڪا لٺ هوندي آهي تنهن جيتري ٿلهي هئي ۽ نيزي جي لوهي ڦر جو وزن اٽڪل ست ڪلوگرام هئس. هڪڙو سپاهي ڍال کنيو سندس اڳيان هلندو پئي آيو.


ڪاهن وراڻيس تہ ”جالوت فلستي، جنهن کي تو ايلاہ جي ماٿريءَ ۾ قتل ڪيو هو، تنهن جي تلوار هتي مذهبي وڳي جي پٺيان ڪپڙي ۾ ويڙهي رکي آهي. جيڪڏهن تون اها کڻڻ گھرين تہ کڻ. باقي انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ تلوار هتي ڪانهي.“ تڏهن دائود چيس تہ ”انهيءَ جهڙي ٻي تلوار تہ ڪا آهي ئي ڪانہ. اها مون کي ڏي.“


اخيملڪ هن جي باري ۾ خداوند کان معلوم ڪيو. پوءِ کيس ماني ڏنائين ۽ جالوت فلستيءَ جي تلوار بہ ڏنائينس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ