’اي بيتلحم! يهوديہ جي ملڪ ۾، تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي شهزادن مان ڪنهن کان بہ ننڍو نہ آهين، ڇاڪاڻ تہ تو منجھان هڪ حاڪم نڪرندو، جيڪو منهنجي قوم بني اسرائيل جي رهبري ڪندو.‘“
جنهن زماني ۾ رهبر بني اسرائيل تي راڄ ڪندا هئا، تنهن زماني جي ڳالهہ آهي تہ بني اسرائيل جي ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو. سو يهوداہ واري علائقي جي شهر بيتلحم مان هڪڙو ماڻهو پنهنجيءَ زال ۽ ٻن پٽن سميت اهو وقت گذارڻ لاءِ موآب ملڪ ڏانهن روانو ٿيو.