Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 2:50 - Muslim Sindhi Bible

50 هي پڻ ڪالب جو اولاد هئا: ڪالب کي افراتہ نالي زال مان پهريون پٽ حور هو. حور جي پٽ سوبل جنهن قريت‌يعريم شهر جو بنياد وڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

50 ڪالب جا پٽ هي هئا: افراتہ جي پهريتي حور جو پٽ قريت يعريم جو پيءُ سوبل.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 2:50
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

معڪہ مان کيس ٻہ ٻيا پٽ بہ ڄاوا: پهريون شعف جيڪو مدمناہ جو باني هو ۽ ٻيو سوا، جيڪو مڪبينا ۽ جِبع جو باني هو. انهيءَ کان سواءِ ڪالب کي عڪسہ نالي ڌيءَ بہ هئي.


سندس ٻئي پٽ سلمون بيت‌لحم جو بنياد وڌو ۽ ٽيون پٽ خارف بيت‌جادر جو باني هو.


هو قريت‌يعريم شهر ۾ رهندڙ هنن گھراڻن جو پڻ وڏو هو: اتري، فوتي، سماتي ۽ مسراعي. صرعتي ۽ استاولي انهن ئي جو اولاد آهن.


يهوداہ ولد يعقوب جو اولاد هي هئا: فارص، حصرون، ڪرمي، حور، سوبل.


انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: قريت‌بعل يعني قريت‌يعريم ۽ ربہ، ڪل ٻہ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.


پوءِ جبل جي چوٽيءَ تان هيٺ لهي نفتوح جي چشمن وٽان نڪري عفرون جبل جي شهرن ڏانهن ويئي ۽ اتان لهي بعلہ يعني قريت‌يعريم ڏانهن آئي.


سو بني اسرائيل اتان روانا ٿيا ۽ ٽئين ڏينهن تي انهن ماڻهن جي شهرن ۾ اچي پهتا. انهن جا شهر هي هئا: جِبعون، ڪفيرہ، بيروت ۽ قريت‌يعريم.


تڏهن اڳواڻن ۽ شهر جي دروازي وٽ موجود ٻين ماڻهن چيو تہ ”اسين شاهد آهيون. شل انهيءَ عورت کي جيڪا تنهنجي گھر ٿي اچي، هائو، انهيءَ کي خداوند شل يعقوب جي زالن راخل ۽ لياہ جهڙو ڪري، جن ٻنهي بني اسرائيل جو نسل وڌايو. شل تون افراتي گھراڻي ۾ خوشحال ٿئين، ۽ بيت‌لحم ۾ تنهنجو نالو ٿئي.


تڏهن قريت‌يعريم جا ماڻهو آيا ۽ خداوند جي عهد واري صندوق کي کڻي وڃي ابينداب جي گھر ۾ رکيائون، جيڪو ٽڪريءَ تي هو. هنن سندس پٽ اليعزر کي خداوند جي عهد واري صندوق جي سنڀال ڪرڻ لاءِ ڪاهن طور مخصوص ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ