پر جسُور ۽ ارام جي بادشاهتن سٺ شهرن تي انهن جي ڳوٺن سميت قبضو ڪيو جن ۾ قنات شهر ۽ يائير جا ٽيويهہ شهر بہ شامل هئا. انهن ۾ رهندڙ سڀ ماڻهو جِلعاد جي پيءُ مڪير جو اولاد هئا.
منسيءَ جو اولاد يائير، جسُورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين ارجُوب جو سڄو علائقو ورتو. هن بسن جي ڪجھہ ڳوٺن کي پنهنجي نالي سان ”يائير جا ڳوٺ“ ڪري سڏيو، جيڪو نالو اڄ تائين هليو اچي.