19 عزوبہ جي وفات کان پوءِ ڪالب افراتہ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس حور نالي پٽ ڄائو.
19 ۽ عزوبہ مئي، ۽ ڪالب افرات سان شادي ڪئي، ۽ انهيءَ مان حور ڄائس.
حصرون جي پٽ ڪالب، عزوبہ سان شادي ڪئي جنهن مان کيس هڪڙي ڌيءَ يريعوت ڄائي. يريعوت کي ٽي پٽ ڄاوا: يشر، سوباب ۽ اردون.
حور کي اوري ڄائو ۽ اوريءَ کي بصلايل ڄائو.
حصرون جي وفات کان پوءِ سندس زال ابياہ ڪالبافراتہ ۾ اشور نالي پٽ ڄڻيو، جنهن تقوع شهر جو بنياد وڌو.
هي پڻ ڪالب جو اولاد هئا: ڪالب کي افراتہ نالي زال مان پهريون پٽ حور هو. حور جي پٽ سوبل جنهن قريتيعريم شهر جو بنياد وڌو.
سو يشوع ائين ئي ڪيو جيئن موسيٰ حڪم ڏنو هئس. هن وڃي عماليقين سان ويڙهہ ڪئي. انهيءَ مهل موسيٰ، هارون ۽ حور ٽڪر جي چوٽيءَ تي چڙهي ويا.
پر هوڏانهن خداوند بيتلحم اِفرات کي فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهوداہ جي ننڍن ننڍن شهرن مان هڪ آهين، تڏهن بہ تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص پيدا ٿيندو، جيڪو منهنجي طرفان بني اسرائيل جو حڪمران بڻبو. انهيءَ حڪمران جو گھراڻو پراڻي زماني کان وٺي قائم آهي.“