Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 2:17 - Muslim Sindhi Bible

17 ابيجيل اسماعيل جي اولاد مان يتر نالي شخص سان پرڻيل هئي، جنهن مان کيس عماسا ڄائو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ ابيجيل کي عماسا ڄائو: ۽ عماسا جو پيءُ يتر اسماعيلي هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 2:17
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابي‌سلوم يوآب جي بدران عماسا کي لشڪر جي مٿان سالار مقرر ڪيو. عماسا اِترا نالي هڪڙي شخص جو پٽ هو جيڪو اسماعيل جي اولاد مان هو. اِترا جي زال جو نالو ابيجيل هو، جا ناحس جي ڌيءَ ۽ يوآب جي ماءُ ضروياہ جي ڀيڻ هئي.


دائود هنن جي هٿان عماسا کي بہ چوائي موڪليو تہ ”تون منهنجو هڏ رت ناهين ڇا؟ سو هاڻي کان آءٌ پنهنجي اڳيان تو کي يوآب جي بدران هميشہ جي لاءِ فوج جو سپهہ‌سالار بڻايان ٿو. جيڪڏهن آءٌ ائين نہ ڪريان تہ شل خدا مون سان ائين ئي بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪري.“


جيڪو رت هن وهايو هو تنهن جو کيس خداوند بدلو ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ هن منهنجي پيءُ دائود جي بي‌خبريءَ ۾ ٻن ڄڻن تي حملو ڪري کين تلوار سان ماري ڇڏيو هو. اهي ٻيئي ڄڻا، عماسا ولد يتر جيڪو بني يهوداہ جي لشڪر جو سپهہ‌سالار هو ۽ ابنير ولد نير جيڪو باقي بني اسرائيل جي لشڪر جو سپهہ‌سالار هو، سي هن کان بهتر ۽ سچار هئا.


تنهن کان سواءِ تون اهو بہ ڄاڻين ٿو تہ يوآب جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن مون سان ڇا ڪيو، يعني بني اسرائيل جي لشڪرن جي ٻن سپهہ‌سالارن ابنير ولد نير ۽ عماسا ولد يتر سان ڇا ڇا نہ ڪيائين. هن کين قتل ڪيو، صلح جي وقت جنگ وارو رت وهايائين ۽ انهيءَ رت سان پنهنجو ڪمر پٽو ۽ پنهنجي جتي رڱيائين.


عماسي جيڪو بعد ۾ ”ٽيهن جو ٽولو“ جو سالار ٿيو، تنهن تي خدا جو روح نازل ٿيو ۽ هو چوڻ لڳو تہ ”اي دائود! اسين تنهنجا آهيون، اي يسيءَ جا پٽ! اسين تنهنجي پاسي آهيون. تو تي ۽ تنهنجي مددگارن تي سلامتي هجي، ڇاڪاڻ تہ خدا تنهنجو مددگار آهي.“ تڏهن دائود انهن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پنهنجي فوج ۾ کين سالار بڻايائين.


انهن جون ڀينرون ضروياہ ۽ ابيجيل هيون. ضروياہ جا جملي ٽي پٽ هئا: ابي‌شي، يوآب ۽ عساهيل.


حصرون جي پٽ ڪالب، عزوبہ سان شادي ڪئي جنهن مان کيس هڪڙي ڌيءَ يريعوت ڄائي. يريعوت کي ٽي پٽ ڄاوا: يشر، سوباب ۽ اردون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ