Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 19:9 - Muslim Sindhi Bible

9 بني عمون پنهنجي گاديءَ واري شهر ربہ کان ٻاهر نڪري شهر جي دروازي جي لنگھہ وٽ جنگ جي لاءِ صفون ٻڌڻ لڳا، جڏهن تہ بادشاهہ جيڪي اتي آيا هئا، سي کُليل ميدان ۾ جنگ لاءِ تيار ٿي بيهي رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ بني عمون ٻاهر نڪري آيا، ۽ دروازي جي لنگهہ وٽ جنگ جي لاءِ صفون ٻڌڻ لڳا: ۽ بادشاهہ جيڪي آيا هئا سي ميدان ۾ اڪيلا بيٺا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 19:9
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بني عمون پنهنجي گاديءَ واري شهر ربہ کان ٻاهر نڪري شهر جي دروازي جي لنگھہ وٽ جنگ جي لاءِ صفون ٻڌڻ لڳا، جڏهن تہ ضوباہ ۽ رحوب جا ارامي ۽ طوب ۽ معڪہ جا ماڻهو الڳ کُليل ميدان ۾ بيٺل هئا.


تڏهن دائود بادشاهہ انهن کي وراڻيو تہ ”جيئن اوهان کي چڱو لڳي تيئن ئي آءٌ ڪندس.“ پوءِ بادشاهہ شهر جي دروازي جي پاسي ۾ ٿي بيٺو ۽ هزار هزار جي ٽولن وارا سڀ جوان سَون سَون جي ٽولين ۾ قطارون ٺاهي لنگھندا رهيا.


ارام جي بادشاهہ بن‌هدد پنهنجو سڄو لشڪر گڏ ڪيو. ٻين ٻٽيهن حاڪمن جي حمايت سان، جن کي جنگي گاڏيون ۽ گھوڙا هئا، هن سامريہ شهر تي چڙهائي ڪري مٿس حملي ڪرڻ لاءِ ان کي گھيرو ڪيو.


هاڻ هيئن ڪريو جو ٻٽيهن ئي حاڪمن کي سپهہ‌سالاريءَ تان هٽائي انهن جي جاءِ تي ٻيا سپهہ‌سالار مقرر ڪريو.


هاڻي جڏهن يوآب ڏٺو تہ سندس اڳيان ۽ پٺيان جنگ لاءِ صفون ٻڌجي ويون آهن، تڏهن هن بني اسرائيل جي لشڪر مان ڪجھہ مکيہ بهادر چونڊي ڪڍيا ۽ کين ارامين جي سامهون صف‌آرا ڪيائين.


جڏهن دائود اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن يوآب کي سمورن جنگي جوڌن جي لشڪر سميت ڪڍي موڪليائين.


سو ابياہ چار لک چونڊ جنگي جوڌا ساڻ ڪري جنگ لاءِ نڪتو. هوڏانهن يربعام اٺ لک چونڊ جنگي جوڌن سان هن جي مقابلي ۾ صفون ٻڌي اچي بيٺو.


تڏهن آسا هن جي مقابلي لاءِ نڪري آيو ۽ مريسہ وٽ ضفاتہ جي ماٿريءَ ۾ زارح جي لشڪر سامهون جنگ لاءِ صف بندي ڪيائين.


هو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهڻ وارن کي انصاف وارو روح عطا ڪندو، ۽ شهر جي دروازن تي حملي کان بچاءُ ڪندڙن کي طاقت عطا ڪندو.


اهي تيرڪمانن ۽ تلوارن سان مسلح آهن. اهي ظالم آهن ۽ منجھن ڪوبہ رحم ڪونهي. جڏهن هو گھوڙن تي سوار ٿي اوهان سان وڙهڻ لاءِ اچن ٿا، تڏهن سندن لشڪر جو آواز ائين ٿو لڳي، جيئن سمنڊ گجگوڙ ڪندو هجي. اي بابل وارؤ! اهي جنگي جوڌا اوهان سان جنگ ڪرڻ لاءِ هٿيار ٻڌي اچن پيا.


اهي جبلن جي چوٽين تي ائين گجگوڙ ڪندا، جيئن جنگي گھوڙي گاڏيون کڙڪاٽ ڪنديون آهن، يا جيئن ڪو طاقتور لشڪر جنگ ڪرڻ لاءِ صفون ٻڌي تيار هجي. اهي جھنگ جي انهيءَ باهہ وانگر آهن، جيڪا ڪک ڪانا ساڙي چٽ ڪري ٿي ڇڏي.


سائول ۽ بني اسرائيل جا ماڻهو بہ اچي گڏ ٿيا ۽ ايلہ جي ماٿريءَ ۾ اچي خيما کوڙيائون. هنن فلستين سان جنگ ڪرڻ لاءِ صفون ٻڌيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ