Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 19:7 - Muslim Sindhi Bible

7 هنن ٻٽيهہ هزار گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙي سوار ۽ معڪہ جي بادشاهہ کي بہ سندس فوج سميت ڪرايي تي آندو، جن اچي ميدبا جي سامهون پنهنجا خيما کوڙيا، جڏهن تہ بني عمون پنهنجي شهرن مان گڏجي جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 انهيءَ طرح هنن معڪہ جي بادشاهہ ۽ سندس ماڻهن، ۽ ٻٽيهہ هزار رٿن کي ڀاڙي ڪيو؛ جن اچي ميدبا ۾ منزل هنئي. ۽ بني عمون پنهنجي شهرن مان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 19:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود سان سندن دشمني ٿي پيئي آهي، تڏهن هنن ماڻهو موڪلي بيت‌رحوب جي ارامين ۽ ضوباہ جي ارامين مان ويهہ هزار پيادن کي، معڪہ جي بادشاهہ کي هڪ هزار سپاهين سميت ۽ طوب جي ٻارهن هزار ماڻهن کي، ڪرائي تي گھرائي ورتو.


دائود ان جون هڪ هزار جنگي گھوڙي گاڏيون، ست هزار گھوڙي سوار ۽ ويهہ هزار پيادا سپاهي پڪڙي هٿ ڪيا. هن هڪ سؤ جنگي گھوڙي گاڏين جي گھوڙن کان سواءِ ٻين سڀني گھوڙن کي جڏو ڪري ڇڏيو.


جڏهن دائود اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن يوآب کي سمورن جنگي جوڌن جي لشڪر سميت ڪڍي موڪليائين.


هڪ دفعي زارح نالي هڪ سوڊاني ڏهہ لک جوانن جو هڪڙو لشڪر ٽي سؤ جنگي گھوڙي گاڏين سميت ساڻ ڪري اچي يهوداہ ملڪ تي حملو ڪيو ۽ مريسہ شهر تائين پهچي ويو.


مصري فوج فرعون جي سڀني گھوڙن، گاڏين ۽ سوارن سميت انهن جي پٺيان پيئي. هو اتي اچي پهتا جتي بني اسرائيل سمنڊ جي ڪناري تي في‌هخيروت وٽ، بعل‌صفون جي سامهون منزل ڪيو ويٺا هئا.


سو ديبون شهر جا رهاڪو ٽڪر تي ٺهيل پنهنجي معبودن جي پوڄا گھرن ۾ وڃي روئڻ پٽڻ لڳا، بلڪ سڄي موآب ملڪ جا ماڻهو پنهنجي شهرن نبو ۽ ميدبا تي واءِ‌ويلا ٿا ڪن. سوڳ وچان سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀني جون ڏاڙهيون ڪتريل آهن.


بيشڪ اسان موآبين جي اولاد کي ناس ڪري ڇڏيو آهي، هائو، حشبون کان ديبون تائين کين تباهہ ڪيو اٿئون. اسان امورين سندن ملڪ کي نفح تائين ويران ڪري ڇڏيو آهي.“


عروعير جيڪو برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي آهي ۽ جيڪو شهر انهيءَ نهر جي وچ ۾ آهي تن کان وٺي ميدبا شهر جي ڀر واري سڄي ميدان سميت.


انهيءَ جي پکيڙ هي آهي: عروعير شهر، جيڪو برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي آهي ۽ جيڪو شهر انهيءَ نهر جي وچ ۾ آهي تن کان وٺي ويندي ميدبا شهر جي ڀر واري سڄي ميدان سميت جيڪو ديبون تائين آهي


يابين بادشاهہ کي نو سؤ لوهہ جون جنگي گھوڙي گاڏيون هيون. هن ويهن سالن تائين بني اسرائيل سان ڏاڍي سختي ڪئي، تڏهن بني اسرائيل خداوند کي مدد لاءِ پڪاريو.


فلستي بہ بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. انهن ۾ ٽيهہ هزار جنگي گاڏيون، ڇهہ هزار گھوڙي سوار ۽ ايترا تہ بي‌شمار ماڻهو هئا جيترا سمنڊ جي ڪناري تي واريءَ جا ذرڙا. انهن بيت‌آون جي اوڀر طرف مڪماس وٽ اچي پنهنجا خيما کوڙيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ