Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 19:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن حنون دائود جي قاصدن کي پڪڙي انهن جون ڏاڙهيون مڇون ڪوڙائي ڇڏيون ۽ سندن ڪپڙا وچان ويهڪ جي جاءِ تائين ڦاڙائي ڇڏيا ۽ پوءِ کين روانو ڪري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 تڏهن حنون دائود جي نوڪرن کي پڪڙي سندن ڏاڙهيون ڪوڙائي ڇڏيون، ۽ سندن ڪپڙا وچان ٻنڊڻن تائين ڪپائي ڇڏيائين، ۽ پوءِ روانو ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 19:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بني عمون جي اڳواڻن حنون کي چيو تہ ”ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ دائود همدرديءَ لاءِ هي ماڻهو موڪلي اوهان جي پيءُ جو مان وڌايو آهي؟ ڇا هن جا هي ماڻهو اوهان وٽ انهيءَ لاءِ نہ آيا آهن تہ هو جاسوسن وانگر هن ملڪ جو حال معلوم ڪن ۽ پوءِ مٿس قبضو ڪن؟“


هيڏانهن ڪنهن ماڻهو وڃي دائود کي انهن قاصدن جي باري ۾ ٻڌايو، تڏهن دائود ڪجھہ ماڻهو موڪليا تہ وڃي ساڻن رستي ۾ ملن، ڇاڪاڻ تہ هو ويچارا ڏاڍا شرمسار هئا. بادشاهہ کين چوائي موڪليو تہ ”اتي يريحو ۾ تيستائين ترسي پئو، جيستائين اوهان جون ڏاڙهيون وڌي اچن. پوءِ موٽي هتي اچجو.“


پر هنن خدا جي پيغمبرن ۽ نبين تي کل ٺٺوليون ڪيون ۽ سندس فرمان کي ڌڪاريائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي ايتري تہ ڀڙڪي اُٿي، جو هو سندس سزا کان بچي نہ سگھيا.


منهنجي نيڪيءَ جي بدران هو مون سان بدي ڪن ٿا، جنهن جي ڪري آءٌ بلڪل مايوس ٿي وڃان ٿو.


سو ديبون شهر جا رهاڪو ٽڪر تي ٺهيل پنهنجي معبودن جي پوڄا گھرن ۾ وڃي روئڻ پٽڻ لڳا، بلڪ سڄي موآب ملڪ جا ماڻهو پنهنجي شهرن نبو ۽ ميدبا تي واءِ‌ويلا ٿا ڪن. سوڳ وچان سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀني جون ڏاڙهيون ڪتريل آهن.


اهڙي ئي نموني اشور جو شهنشاهہ مصر ۽ سوڊان وارن کي پڪڙي جلاوطن ڪري وٺي ويندو، پوءِ اهي ننڍا هجن توڙي وڏا، کين بلڪل انگ اگھاڙو پنهنجي ملڪ ڏانهن وٺي ويندو، جنهن ڪري مصري خوار خراب ٿيندا.


تڏهن سڪم، سيلا ۽ سامريہ شهرن مان اسي ڄڻن جو هڪڙو ٽولو يروشلم وڃڻ لاءِ مصفاہ شهر وٽان لنگھي رهيو هو. هنن ڏک وچان پنهنجيون ڏاڙهيون ڪوڙي ڇڏيون هيون، ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا ۽ پاڻ کي زخم رسايا هئائون. هنن خداوند جي هيڪل ۾ نذر ڪرڻ لاءِ اناج جون قربانيون ۽ لوبان پاڻ سان کنيا هئا.


موآب جي سڀني گھرن جي ڇتين تي ۽ ان جي سڀني چونڪن تي ماتم متل هوندو. انهيءَ ڪري هر مٿو ڪوڙيل هوندو ۽ هر ڪا ڏاڙهي ڪتريل هوندي. هر ڪنهن پنهنجي هٿن کي زخمي ڪيو هوندو ۽ پنهنجي چيلهہ تي کٿو ڍڪيو هوندو. انهيءَ سبب جو آءٌ موآب کي ردي ٿانو وانگر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو هوندو.


اوهين پنهنجي جسم تي ڏينڀوڙين جا نشان نہ ڪڍائجو. اوهين مئلن جي لاءِ غير قوم وارن جيان پنهنجي جسم کي زخمي نہ ڪجو، نڪي پنهنجو مٿو لوندڙين وٽان گولائيءَ ۾ ڪوڙائجو ۽ نڪي پنهنجي ڏاڙهيءَ جا پاسا بگاڙجو. آءٌ خداوند آهيان.


تنهن تي هن انهن ڏانهن وري ٻيو نوڪر موڪليو. باغائين ان نوڪر جو بہ مٿو ڦاڙي وڌو ۽ جٺيون ڪري موڪلي ڇڏيائونس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ