Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 19:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن دائود چيو تہ ”آءٌ حنون ولد ناحس سان مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ سندس پيءُ مون سان بہ مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪيو هو.“ سو دائود پنهنجي قاصدن هٿان سندس پيءُ جي عذرخواهي چوائي موڪلي. جڏهن دائود جا ماڻهو بني عمون جي ملڪ ۾ حنون وٽ آيا تہ جيئن ساڻس عذرخواهي ڪن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ دائود چيو تہ آءٌ حنون بن ناحس کي مهرباني ڏيکاريندس، ڇالاءِ جو سندس پيءُ مون کي مهرباني ڏيکاري هئي. تنهنڪري دائود قاصد موڪلي هن کي سندس پيءُ جي نسبت ۾ معذرت چوائي موڪلي. ۽ دائود جا نوڪر بني عمون جي ملڪ ۾ حنون وٽ آيا تہ کيس تسلي ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 19:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هڪڙي ڏينهن دائود پڇيو تہ ”ڇا سائول جي گھراڻي مان ڪو باقي بچيو آهي؟ جي آهي، تہ آءٌ انهيءَ تي يونتن جي خاطر مهرباني ڪريان.“


تڏهن دائود چيس تہ ”ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي پيءُ يونتن جي ڪري ضرور تو تي مهرباني ڪندس ۽ تنهنجي ڏاڏي سائول جي سموري زمين تو کي موٽائي ڏيندس. تون هميشہ منهنجي دسترخوان تي ماني کائيندين.“


بعد ۾ اليشع پنهنجي خدمتگار کي چيو تہ ”انهيءَ عورت کي چئُہ تہ ’تو جو اسان جي لاءِ هيتري ساري تڪليف ڪئي آهي، سو ٻڌاءِ تہ آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان؟ ڇا آءٌ بادشاهہ کي يا فوج جي سپهہ‌سالار کي اوهان جي سفارش ڪريان؟‘“ تنهن تي انهيءَ عورت وراڻيو تہ ”هتي پنهنجن جي وچ ۾ رهندي مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي.“


ڪجھہ وقت کان پوءِ بني عمون جي بادشاهہ ناحس وفات ڪئي ۽ سندس پٽ سندس جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.


تڏهن بني عمون جي اڳواڻن حنون کي چيو تہ ”ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ دائود همدرديءَ لاءِ هي ماڻهو موڪلي اوهان جي پيءُ جو مان وڌايو آهي؟ ڇا هن جا هي ماڻهو اوهان وٽ انهيءَ لاءِ نہ آيا آهن تہ هو جاسوسن وانگر هن ملڪ جو حال معلوم ڪن ۽ پوءِ مٿس قبضو ڪن؟“


انهيءَ ڏينهن عام ماڻهن جي روبرو وڏي آواز سان موسيٰ جو ڪتاب پڙهيو ويو، جنهن ۾ اهو بہ لکيل مليو تہ عموني ۽ موآبي خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي نہ ٿا سگھن،


تنهن تي طوبياہ عموني جيڪو سندس ڀر ۾ بيٺو هو تنهن چيو تہ ”هي جيڪي ڪجھہ ٺاهين پيا، تنهن تي جيڪڏهن ڪو لومڙ چڙهي وڃي تہ اهو ان کي ڪيرائي وجھندو.“


پر جڏهن سنبلط، طوبياہ ۽ ڏکڻ وارن عربن، اوڀر وارن عمونين ۽ اولهہ وارن اشدودين ٻڌو تہ يروشلم جي ڀتين جي مرمت ٿيندي پئي وڃي ۽ انهيءَ جا ٻرگھل بند ٿي ويا آهن، تڏهن هو ڏاڍا ڪاوڙيا.


تڏهن شهنشاهہ خدمتگارن کان پڇيو تہ ”اهڙي ڪم جي عيوض مردڪئيءَ کي ڪيتري عزت ۽ ڪهڙو درجو ڏنو ويو آهي؟“ تنهن تي سندس خدمتگارن وراڻيو تہ ”کيس ڪجھہ بہ نہ ڏنو ويو آهي.“


اتي ئي هڪڙو ڏاهو ماڻهو رهندو هو، جيڪو تمام غريب هو. هن پنهنجيءَ ڏاهپ سان انهيءَ شهر کي بچايو. انهيءَ هوندي بہ ڪنهن ماڻهوءَ کي اهو غريب ماڻهو ياد ئي نہ رهيو.


سو اتان ڪيترائي ماڻهو مارٿا ۽ مريم سان سندن ڀاءُ جو عذر ڪرڻ لاءِ آيا هئا.


جڏهن دائود صِقلاج شهر ۾ موٽي آيو، تڏهن هن لٽ جي مال مان ڪجھہ بني يهوداہ جي سردارن ڏانهن بہ موڪليو، جيڪي سندس دوست هئا. کين چوائي موڪليائين تہ ”اِجھو، خداوند جي دشمنن جي لٽ جي مال مان هي اوهان جي لاءِ سوکڙي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ