Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 19:19 - Muslim Sindhi Bible

19 جڏهن هددعزر جي هٿ هيٺ وڙهندڙ بادشاهن ڏٺو تہ هو بني اسرائيل جي اڳيان شڪست کائي چڪا آهن، تڏهن هنن صلح ڪيو ۽ تابعداري قبول ڪيائون. اهڙيءَ طرح ارامي وري ڪڏهن بہ بني عمون کي مدد ڏيڻ لاءِ تيار نہ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ جڏهن هدرعزر جي ملازمن ڏٺو تہ اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي اٿن، تڏهن دائود سان صلح ڪيائون، ۽ سندس ٻانها ٿيا: انهيءَ طرح ارامين وري ڪڏهن بہ بني عمون کي مدد نہ ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 19:19
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪجھہ عرصي کان پوءِ بني عمون جي بادشاهہ وفات ڪئي ۽ سندس پٽ حنون سندس جاءِ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو.


جيڪي ٻيا بادشاهہ هددعزر جي هٿ هيٺ وڙهي رهيا هئا، تن جڏهن ڏٺو تہ هو بني اسرائيل جي اڳيان شڪست کائي چڪا آهن، تڏهن هنن صلح ڪيو ۽ تابعداري قبول ڪيائون. سو ارامي بني عمون کي وري مدد ڏيڻ کان ڊڄندا رهيا.


ارام جي بادشاهہ بن‌هدد پنهنجو سڄو لشڪر گڏ ڪيو. ٻين ٻٽيهن حاڪمن جي حمايت سان، جن کي جنگي گاڏيون ۽ گھوڙا هئا، هن سامريہ شهر تي چڙهائي ڪري مٿس حملي ڪرڻ لاءِ ان کي گھيرو ڪيو.


جڏهن بن‌هدد اها ورندي ٻڌي تڏهن هو ٻين حاڪمن سان گڏ تنبن ۾ مئي پي رهيو هو. انهيءَ وقت بن‌هدد پنهنجي لشڪر کي حڪم ڏنو تہ ”حملي لاءِ تيار ٿيو.“ سو هو تيار ٿي بيٺا.


پوءِ تہ سڀني ملڪن ۾ دائود مشهور ٿي ويو ۽ خداوند هر قوم جي دل ۾ هن جو خوف وجھي ڇڏيو.


آخرڪار ارامي بني اسرائيل جي اڳيان وٺي ڀڳا. دائود ارامين جا ست هزار جنگي گھوڙي گاڏين جا سوار ۽ چاليهہ هزار پيادا سپاهي ماري وڌا. هن سندن فوج جي سپهہ‌سالار سوبڪ کي پڻ ماري وڌو.


بهار جي موسم ۾، جنهن وقت بادشاهہ جنگ تي ويندا آهن تن ڏينهن ۾ يوآب لشڪر وٺي ٻاهر نڪتو ۽ وڃي بني عمون جي ملڪ تي حملو ڪيائين. دائود بادشاهہ پاڻ يروشلم ۾ ئي رهيو. هنن وڃي انهيءَ ملڪ جي گاديءَ واري شهر ربہ کي گھيري هيٺ آندو ۽ ان کي تباهہ ڪري ڇڏيائون.


تو ئي جنگ جي لاءِ منهنجي ڪمر پختي ٻڌي، ۽ حملو ڪري آيلن کي تو آڻي مون آڏو ڪيرايو.


اهي منهنجو نالو ٻڌڻ سان ئي منهنجا فرمانبردار ٿي ويا آهن، ۽ ڊڄندي ڊڄندي اچي مون آڏو جھڪيا آهن.


اهو ئي سبب آهي جو هو ٻٽاڪ هڻي چوي ٿو تہ ”منهنجي لشڪر جو هر هڪ سالار بادشاهہ مثل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ