Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 18:4 - Muslim Sindhi Bible

4 دائود ان جون هڪ هزار جنگي گھوڙي گاڏيون، ست هزار گھوڙي سوار ۽ ويهہ هزار پيادا سپاهي پڪڙي هٿ ڪيا. هن هڪ سؤ جنگي گھوڙي گاڏين جي گھوڙن کان سواءِ ٻين سڀني گھوڙن کي جڏو ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ دائود انهيءَ کان هڪ هزار رٿ، ست سؤ گهوڙي سوار، ۽ ويهہ هزار پيادا ورتا: ۽ دائود هڪ سؤ رٿن جي گهوڙن کانسواءِ باقي سڀني گهوڙن جون کچون وڍي ڇڏيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 18:4
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ ڪڏهن بہ اوهان جي صلاح تي نہ هلندس، هائو، اوهان جي منصوبن ۾ هرگز شامل نہ ٿيندس، ڇو تہ ڪاوڙ ۾ اوهان ماڻهن کي قتل ڪيو آهي، ۽ پنهنجي خودسريءَ ۾ ڍڳن کي جڏو ڪيو اٿوَ.


دائود انهيءَ جا هڪ هزار ست سؤ گھوڙي سوار ۽ ويهہ هزار پيادا پڪڙي ورتا. هن هڪ سؤ جنگي گھوڙي گاڏين لاءِ ڪافي گھوڙا رکيا ۽ باقي سڀني گھوڙن کي جڏو ڪري ڇڏيائين.


سليمان جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙي سوار گڏ ڪرايا. وٽس هڪ هزار چار سؤ جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ ٻارهن هزار گھوڙي سوار هئا، جيڪي هن مختلف شهرن ۾ ۽ ڪجھہ پاڻ وٽ يروشلم ۾ رهايا هئا.


هن وٽ هي عملدار هئا: صدوق جو اولاد عزرياہ جيڪو ڪاهن هو،


انهيءَ کان سواءِ دائود ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر تي حمات جي ويجھو حملو ڪيو، جيڪو فرات نديءَ پاسي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هو.


جڏهن دمشق جا ارامي ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر جي مدد ڪرڻ لاءِ آيا، تڏهن دائود انهن مان ٻاويهہ هزار ارامي ماري وڌا.


ڪي جنگي گھوڙي گاڏين تي ڀروسو ڪن ٿا، ۽ ڪي وري گھوڙن تي، اهڙا ماڻهو شڪست کائيندا ۽ هيٺ ڪيرايا ويندا. پر اي خداوند، اسان جا خدا! اسان جو تو تي ئي ڀروسو آهي، سو اسين فتح حاصل ڪنداسين ۽ قائم رهنداسين.


ان کان علاوہ بادشاهہ پاڻ وٽ گھڻا گھوڙا نہ رکي، نڪي گھڻا گھوڙا گڏ ڪرڻ خاطر ماڻهن کي مصر ۾ موڪلي، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان کي فرمايو آهي تہ اوهين انهيءَ رستي وري ڪڏهن بہ موٽي نہ وڃجو.


تڏهن خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”هنن کان نہ ڊڄ، ڇاڪاڻ تہ سڀاڻي هن ئي وقت آءٌ انهن سڀني کي بني اسرائيل جي هٿن ۾ ڏيئي کين مارائي ڇڏيندس. تون هنن جي گھوڙن کي جڏو ڪري ڇڏجانءِ ۽ سندن گاڏيون ساڙي ڇڏجانءِ.“


يشوع انهن سان ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو هئس. هن انهن جي گھوڙن کي جڏو ڪرايو ۽ سندن گاڏيون ساڙي ڇڏيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ