هن موآبين کي پڻ شڪست ڏني ۽ انهن کي زمين تي قطار ۾ سمهاري رسيءَ سان انهن جي ماپ ورتائين. هر ٻن رسين جي ماپ وارا ماڻهو هن مارائي ڇڏيا ۽ ٽين رسيءَ جي ماپ وارا جيئرا ڇڏي ڏنائين. اهڙيءَ طرح موآبي دائود جا ٽيڪس ڀريندڙ تابعدار ٿيا.
انهيءَ جي بجاءِ هو پاڻ ۾ متحد ٿي رهندا، ۽ گڏجي اولهہ طرف فلستين جي مٿان وڃي ڪڙڪندا. جڏهن تہ اهي اوڀر طرف ادومين، موآبين ۽ بني عمون کي وڃي شڪست ڏيندا. هو انهن سڀني تي حڪمراني ڪندا، ۽ جيڪو چاهيندا سو کانئن کسي وٺندا.