Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 18:14 - Muslim Sindhi Bible

14 دائود پنهنجي سڄي قوم بني اسرائيل تي عدل ۽ انصاف سان بادشاهي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ دائود ساري اسرائيل تي بادشاهي ڪئي؛ ۽ پنهنجيءَ ساريءَ قوم جو عدل ۽ انصاف ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 18:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود سڄي بني اسرائيل تي بادشاهي ڪئي. هو پنهنجي سڄي رعيت سان عدل ۽ انصاف ڪندو هو.


اهي سڀ جنگي جوڌا هئا جيڪي رضا خوشيءَ سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي شامل ٿيا هئا. هو پڪي ارادي سان حبرون ۾ آيا تہ جيئن دائود کي سڄي بني اسرائيل مٿان بادشاهہ بڻائين. بني اسرائيل جا باقي ٻيا ماڻهو بہ دائود کي بادشاهہ بڻائڻ لاءِ متفق هئا.


هن سڄي ادوم ۾ فوجي چونڪيون قائم ڪيون ۽ سڀ ادومي سندس تابعدار ٿي پيا. دائود جيڏانهن بہ ٿي ويو اوڏانهن خداوند کيس فتح ٿي بخشي.


يوآب جنهن جي ماءُ جو نالو ضروياہ هو، سو فوج جو سپهہ‌سالار هو ۽ يهوسفط ولد اخيلود شاهي منتظم هو.


دائود ولد يسيءَ سڄي بني اسرائيل تي بادشاهي ڪئي.


اي خدا! بادشاهہ کي پنهنجو انصاف عطا ڪر، هائو، انهيءَ کي تون پنهنجي سچائي عطا ڪر.


تنهنجو تخت عدل ۽ سچائيءَ جي بنياد تي بيٺل آهي، دائمي شفقت ۽ وفا تنهنجي آڏو رهن ٿيون.


هن جي بادشاهيءَ جي اقبالمنديءَ ۽ سلامتيءَ جو ڪڏهن بہ خاتمو نہ ٿيندو. هو دائود جي تخت تي بادشاهي ڪندو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هميشہ تائين انهيءَ کي انصاف ۽ سچائيءَ سان قائم رکندو. شل قادرِمطلق خداوند جي غيرت ائين ڪري.


اي يهويقيم! پنهنجي ديال واري محل جي ڪري تون پنهنجي پيءُ کان ڪو وڌيڪ بهتر بادشاهہ آهين ڇا؟ ڀلا تنهنجي پيءُ وٽ کاڌي پيتي جي ڪا ڪمي هئي ڇا؟ تنهن هوندي بہ هو هميشہ ڀلائيءَ وارا ڪم ڪندي غريبن سان ايمانداريءَ ۽ انصاف سان ٿي هليو.


انهن ڏينهن ۾ آءٌ دائود جي نسل مان هڪڙو سچار بادشاهہ پيدا ڪندس، جيڪو هر هنڌ انصاف ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ