Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 17:7 - Muslim Sindhi Bible

7 سو اي ناتن! منهنجي ٻانهي دائود کي مون خداوند قادرِمطلق جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون تو کي رڍن پٺيان هلندڙ ريڍار مان ڦيرائي پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان حاڪم مقرر ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تنهنڪري هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي وڃي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون توکي رڍن جي واڙي مان، رڍن جي پٺيان هلڻ کان ڪڍي آندو، انهيءَ لاءِ تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 17:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود ميڪل کي وراڻيو تہ ”منهنجو اهو حال خداوند جي آڏو هو، جنهن تنهنجي پيءُ ۽ سندس سڄي گھراڻي جي مقابلي ۾ مون کي پسند ڪيو ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي مٿان مون کي بادشاهہ مقرر ڪيائين. تنهنڪري آءٌ خداوند جي آڏو ضرور نچندس ٽپندس.


تنهنڪري اي ناتن! هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي مون قادرِمطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون تو کي رڍن پٺيان هلندڙ ريڍار مان ڦيرائي پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان حاڪم مقرر ڪيو آهي.


جن جن جاين تي آءٌ بني اسرائيل سان گڏ هئس، اتي بني اسرائيل جي جن بہ رهبرن کي مون پنهنجي قوم بني اسرائيل جي رهبريءَ لاءِ مقرر پئي ڪيو، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ ڪڏهن ائين چيو اٿم ڇا تہ هنن منهنجي لاءِ ديال جي ڪاٺيءَ جو گھر ڇو نہ جوڙيو آهي؟‘


جيڏانهن بہ تون ويندو هئين اوڏانهن آءٌ تو سان گڏ پئي رهيو آهيان ۽ تنهنجا سڀ دشمن تنهنجي تابع ڪيا اٿم. هاڻي آءٌ تو کي دنيا جي وڏن وڏن اڳواڻن جيان مشهور ڪندس.


پر هاڻ مون يروشلم شهر کي پنهنجي نالي لاءِ چونڊيو آهي ۽ تو دائود کي پنهنجي قوم بني اسرائيل تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ چونڊيو اٿم.‘“


’اي بيت‌لحم! يهوديہ جي ملڪ ۾، تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي شهزادن مان ڪنهن کان بہ ننڍو نہ آهين، ڇاڪاڻ تہ تو منجھان هڪ حاڪم نڪرندو، جيڪو منهنجي قوم بني اسرائيل جي رهبري ڪندو.‘“


سو انهن ڏينهن ۾ هو بيت‌لحم ۾ پنهنجي پيءُ جون رڍون ٻڪريون چارڻ لاءِ سائول جي لشڪر کان ايندو ويندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ