Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 17:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جنهن ڏينهن کان وٺي مون بني اسرائيل کي مصر ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي، تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آءٌ ڪنهن بہ گھر ۾ نہ رهيو آهيان، بلڪ مختلف هنڌن تي خيمي واري مقدس جاءِ ۾ رهيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون اسرائيل کي مٿي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آءٌ ڪنهن گهر ۾ نہ پئي رهيو آهيان؛ پر هڪڙي تنبوءَ مان ٻئي تنبوءَ ۾، ۽ هڪڙي شامياني مان ٻئي ۾ پئي رهيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 17:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند جي عهد واري صندوق کي اندر آڻي انهيءَ خيمي جي وچ ۾ سندس جاءِ تي رکيو ويو، جيڪو دائود انهيءَ جي لاءِ ئي کوڙيو هو. دائود خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيون.


جنهن ڏينهن مون بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين آءٌ ڪنهن گھر ۾ ڪين رهيو آهيان، بلڪ مختلف هنڌن تي خيمي واري مقدس جاءِ ۾ رهيو آهيان.


’جنهن ڏينهن مون پنهنجي قوم بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، انهيءَ ڏينهن کان وٺي منهنجو اهڙو ڪوبہ ارادو ڪونہ هو تہ بني اسرائيل جي قبيلن جي ڪنهن شهر ۾ منهنجي نالي تي ڪو گھر جوڙيو وڃي. پر مون تہ رڳو تو دائود کي چونڊيو تہ تون منهنجي قوم بني اسرائيل تي راڄ ڪرين.‘“


پر اي خدا! ڇا تون سچ پچ زمين تي رهندين؟ تون تہ آسمانن بلڪ عرش عظيم ۾ بہ سمائجي نہ ٿو سگھين، تہ پوءِ هي گھر جيڪو مون جوڙايو آهي تنهن ۾ ڀلا تون ڪيئن سمائجي سگھندين؟


هنن خداوند جي عهد واري صندوق، خدا سان ملاقات وارو خيمو ۽ ان جو سمورو مخصوص ڪيل سامان هيڪل ۾ آندو. اهي سڀ شيون ڪاهنن ۽ لاوين کڻي آنديون.


پر ڪنهن کي طاقت آهي جو ان لاءِ گھر تعمير ڪرائي سگھي؟ جڏهن تہ آسمان ۾ بلڪ عرش عظيم ۾ بہ هو سمائجي نہ ٿو سگھي، تہ پوءِ آءٌ ڪير آهيان جو سندس حضور ۾ قربانيون پيش ڪرڻ جي خيال کان علاوہ هن لاءِ گھر بہ ٺاهي سگھان؟


پر اي خدا! ڇا تون سچ پچ زمين تي رهندين؟ تون تہ آسمانن بلڪ عرش عظيم ۾ بہ سمائجي نہ ٿو سگھين، تہ پوءِ هي گھر جيڪو مون تعمير ڪرايو آهي، تنهن ۾ ڀلا تون ڪيئن سمائجي سگھندين؟


’جنهن ڏينهن مون پنهنجي قوم بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي منهنجو اهڙو ڪوبہ ارادو ڪونہ هو تہ بني اسرائيل جي قبيلن جي ڪنهن شهر ۾ منهنجي نالي تي ڪو گھر جوڙيو وڃي ۽ نہ ئي وري پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان حاڪم ٿيڻ لاءِ ڪو ماڻهو چونڊيو هئم.


پر هاڻ مون يروشلم شهر کي پنهنجي نالي لاءِ چونڊيو آهي ۽ تو دائود کي پنهنجي قوم بني اسرائيل تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ چونڊيو اٿم.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ